Shetan Ki Insan Say Dushmani

Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

توبه ڪري ان جي ساٿين جي لسٽ مان نڪري جنت واري واٽ جو مُسافر بڻجي وڃي۔ انهيء ڪري شيطان دنيا ۾ توبه کان روڪڻ، موت جي وقت ايمان کسڻ جي ڪوشش ۾ رهندو آهي، آخري ساھ تائين ورغلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ڪنهن نموني اهو پنهنجي ايمان کان محروم ٿي جهنم جو حَقدار بڻجي وڃي، شيطان انسان جي دل ۾ جيڪي وسوسا وجھندو رهندو آهي، اهي وسوسا ڪڏهن ڪڏهن ته ايترا خطرناڪ هوندا آهن جو انسان جي لاءِ پنهنجو دِين ۽ ايمان بچائڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، جيئن ڪڏهن تقدير جي باري ۾ وسوسو، ڪڏهن ايمانيات جي باري ۾ وسوسو، ڪڏهن عبادتن جي باري ۾ وسوسو، ڪڏهن طهارت ۽ پاڪيزگي جي معاملن جي باري ۾ وسوسو ۽ ڪڏهن اهو نامُراد شيطان الله پاڪ جي باري ۾ وسوسا ڏياريندو رهندو آهي۔ اچو! هن بابت هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن

      امام فخرالدّين رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سڪرات جو وقت جڏهن ويجھو آيو ته شيطان پاڻ وٽ آيو، ان وقت شيطان پوري ڪوشش ڪندو آهي ته ڪهڙي طرح به هن شخص جو ايمان کسجي وڃي، جيڪڏهن ان وقت اهو ٻانهو ايمان کان ڦري ويو ته پوءِ ڪڏهن به نه موٽندو، شيطان امام رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇا ڪئي توهان سموري عمر مناظرن، مباحثن ۾ گذاري، ڇا خدا کي به سُڃاتوَ؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو: بيشڪ خدا عَزَّوَجَلَّ هڪ آهي ان (يعني شيطان) چيو: ان تي ڪهڙو دليل آهي؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ دليل ڏنائون، شيطان خبيث مُعَلِّمُ المَلَڪُوت (يعني ملائڪن جو استاد) رهي چڪو هو، ان اهو دليل ٽوڙي ڇڏيو، امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻيو دليل ڏنائون، ان اهو دليل به ٽوڙي ڇڏيو، ايستائين جو ٽي سؤ سٺ (360) دليل امام صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قائم ڪيا، ۽ ان اهي سڀ دليل ٽوڙي ڇڏيا، هاڻي امام صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سخت پريشاني ۾ ۽ نهايت مايوس هئا، سندن پير ۽ مرشد حضرت سيدنا شيخ نجم الدين ڪُبريٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تمام پري واري جاءِ تي وضو فرمائي رهيا هئا، اتان امام رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي آواز ڏنائون: ” چئو ڇو نٿا ته مون خدا کي بغير ڪنهن دليل جي هڪ مڃيو۔ (آداب ِمرشد ڪامل ،ص۸۸ملخصا)