Shetan Ki Insan Say Dushmani

Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

نمازن جي اَهمِّيت معلوم ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان کوڙ ديني مسئلا سکڻ جي سعادت ملندي آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدن ۾ ذِڪر ۽ اَذڪار، دَرس ۽  بَيانن جو سِلسِلو جاري رهندو آهي۔ ٭ مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان مسجدون آباد ٿينديون آهن۔

       مدني قافلن ۾ سفرڪرڻ وارن خوش نصيب عاشقانِ رسول جي لاءِ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به ڪيتريون پياريون پياريون دُعائون ڪيون آهن، اچو! اهي دُعائون اسان به ٻڌون ٿا، اي ڪاش! اسان به اِنهن دُعائن مان پنهنجو حصو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، جيئن

       هر مهيني جي پهرين جمعي تي 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن جي لاءِ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ دُعا ڪن ٿا :يا ربَّ المصطفيٰ! جيڪو هر شمسي مهيني جي پهرين جمعي تي ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي لاءِ روانو ٿئي، ان کي دِيدارِ مصطفيٰ سان مشرف فرمايائون۔

      هر مهيني جي ٻي جمعي تي 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن جي لاءِ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ دُعا ڪن ٿا: ياالله پاڪ! جيڪو انگريزي مهيني جي ٻي جمعي تي ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي ترڪيب ڪري، ان جي دل نيڪين ۾ لڳائي ڇڏ۔

       هر مهيني جي ٽئين جمعي تي 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن جي لاءِ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ دُعا ڪن ٿا: اي مالڪ ڪريم! جيڪو عيسوي مهيني جي ٽئين جمعي تي مدني قافلي ۾ 3 ڏينهن جي لاءِ سفر تي روانو ٿئي، ان کي جنت الفردوس ۾ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو عطا فرماءِ۔

      هر مهيني جي چوٿين جمعي تي 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن جي لاءِ پاڻ  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ دُعا ڪن ٿا: