Shetan Ki Insan Say Dushmani

Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

مولاءِ ڪريم! جيڪو انگريزي مهيني جي چوٿين جمعي تي ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر اِختيار ڪري، ان کي شفاعت فرمائڻ واري محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت قِيامت جي ڏينهن نصيب فرماءِ۔

       ڪنهن مهيني جو پنجون جمعو ٿيڻ جي صورت ۾ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن جي لاءِ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ دُعا ڪن ٿا: ياالله پاڪ! جيڪو انگريزي مهيني تي پنجو جمعو ٿيڻ جي صورت ۾ ان ڏينهن مدني قافلي ۾ سفر ڪري، ان تي جهنّم حرام ڪري ڇڏ۔

      12 مهينن تائين 3 ڏينهن جي مدني قافلن جي مسافرن جي لاءِ اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ دُعا ڪن ٿا: ياربَّ المصطفيٰ! جيڪو گھٽ ۾ گھٽ 12 مهينن تائين هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪري، ان کي پنهنجي ذات کان علاوه ڪنهن جو محتاج نه ڪر۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

یا خدا ہر گھڑی رَٹ ہو عطّار کی

قافلے میں چلیں قافلے میں چلو

 (وسائل بخشش مرمم،ص۶۷۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ”مدني قافله“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ”مدني قافله“ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان پڙهي به سگھجي ٿو ۽ ڊاؤن لوڊ به ڪري سگھجي ٿو۔

هن رسالي ۾ اوهان پڙهي سگھو ٿا۔ ٭ مدني قافلو ڇا آهي، ٭ مدني قافلي ۾ سفر جون نيتون، ٭ مدني قافلي جو مختصر جدول، ٭ مدني قافلي بابت شرعي ۽ تنظيمي احتياطون، ٭ مدني قافلن بابت 22 مدني گل، ٭ ۽ کوڙ ٻيا