Shetan Ki Insan Say Dushmani

Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

ڪير هو ۽ ان تي اهو زوال ڇو آيو جو الله پاڪ ان کي هميشه جي لاءِ پنهنجي پاڪ بارگاھ مان مردود قرار ڏئي ڪڍي ڇڏيو، ياد رکو! بدبخت ۽ لعين قرار ڏيڻ کان پهريان شيطان خوبصورت، حَسين، تمام گھڻو علم رکڻ واور، تمام وڏو عبادت گذار، ملائڪن جو سردار هو ۽ ان کي ملائڪن ۾ هڪ خاص رتبو حاصل هو، حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجن ارشاد فرمايائون: ملائڪن کي نور مان پيدا ڪيو ويو، ابليس کي خالص باھ مان پيدا ڪيو ويو۔ (مسلم، ڪتاب الزهد والرقائق، باب في احاديث متفرقۃ، ص۱۲۲۱،حديث:۷۴۹۵) ابليس جنهن کي شيطان چيو ويندو آهي، ملائڪن جو سردار بڻجڻ کان پهريان اهو چاليھ (40) هزار سالن تائين جنت جي خزاني جو نگران رهيو، اسي (80) هزار سالن تائين ملائڪن سان گڏ رهيو، ويھ (20) هزار سالن تائين ملائڪن کي وعظ ٻڌائيندو رهيو، ٽيھ (30) هزار سالن تائين مُقَرَّب ملائڪن (جيئن حضرت جبرائيل ۽ حضرت عزرائيل عَلَيهمَا السَّلَام وغيره) جو سردار رهيو، 1هزار سالن تائين رُوحَانِيين (يعني سج چنڊ کان وڌيڪ روشن چهري وارن الله پاڪ جي مخصوص ملائڪن) جو سردار رهيو، 14 هزار سالن تائين عرش جو طواف ڪندو رهيو، پهرين آسمان ۾ ان جو نالو عابد، ٻئي ۾ زاهد، ٽئين ۾ عارف، چوٿين ۾ ولي، پنجين ۾ متقي، ڇهين ۾ خازن ۽ ستين آسمان ۾ عزازيل هو جڏهن ته لوح ِمحفوظ ۾ ان جو نالو ابليس (يعني الله جي رحمت سان نااُميد) لکيل هو ۽ اهو پنهنجي انجام کان بي خبر هو۔ (عجائب القرآن مع غرائب القرآن ،ص۲۵۳ملخصاً) جڏهن الله پاڪ ان کي حضرتِ آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي سجدو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته چوڻ لڳو: اي الله! تو ان کي مون تي فضيلت ڏني آهي، جڏهن ته مان ان کان بهتر آهيان، تو مون کي باھ مان ۽ ان کي مٽي مان پيدا ڪيو آهي، مان باھ جو ٿي ڪري ان مٽي مان بڻيل انسان کي سجدو ڪيان؟ ته ربِّ ڪريم فرمايو: مان جيڪو چاهيندو آهيان اهو ڪندو آهيان۔ تمام ملائڪن حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي سجدو ڪيو، پر ان لعين شيطان تڪبُّر سبب سجدو نه ڪيو ته ملائڪن الله ڪريم جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻيو سجدو شڪراڻي طور تي ڪيو، پر شيطان ان کان به  بي تعلق ٿي بيٺل