Shetan Ki Insan Say Dushmani

Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

تي هي تاثر قائم ٿئي ته هي رياڪاري کان بچڻ جي ڪري جلدي جلدي لڙڪ اگھي ٿو۔(5) ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه بڻائڻ جي لاءِ هن طرح جا جملا چوڻ: مون کي گناهن کان گھڻو ڊپ لڳي ٿو، مون کي بري خاتمي جو خوف ٿيندو آهي، هاءِ! انڌيري قبر ۾ ڇا ٿيندو! هاءِ! قيامت ۾ ڪيئن حساب ڏيندس! وغيره (6) ماڻهن وٽ پنهنجي دنيا سان لاتعلقي ۽ پارسائي جي ڌاڪ ويهارڻ لاءِ چوڻ: مان ته مالدارن ۽ شخصيات کان ملڻ کان بچندو آهيان۔ (7) ڪنهن جي مصيبت جو ٻڌي ڪري منهن بڻائڻ يا همدرداڻا جملا چوڻ جو ماڻهو رحم دل چون۔ (8) هٿ ۾ انهي ڪري تسبيح رکڻ، ۽ نمايان ڪرڻ، يا ماڻهن جي سامهون انهيءَ ڪري چَپ چَورڻ يا انهن تائين آواز پهچائڻ ائين ئي درود ۽ اذڪار پڙهڻ ته جيئن ماڻهو نيڪ سمجھن۔ (9) جَلوت ۾ (يعني ماڻهن اڳيان) کائيندي پيئندي، اٿندي ويهندي وغيره وغيره مَوقعن تي سُنَّتن جو چڱي طرح خيال رکڻ جڏهن ته اڪيلي ۾ سُنَّتن جو اِهتِمام نه ڪرڻ۔ (10) دعوت ۾ يا ٻين جي مَوجُودگي ۾ ان ڪري گھٽ کائڻ ته ڏسڻ وارا ان کي سُنَّت جي پَيروي ڪرڻ وارو ۽ گھٽ کائڻ وارو تصوُّر ڪن۔ (نيڪي جي دعوت ،ص۷۳) الله پاڪ شيطان جي وار رياڪاري کان اسان جي حفاظت فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

شيطان جي خلاف جنگ                            جاري رهندي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

    سيدي اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا شهزاده مُفتي اعظم هند حضرت علامه مولانا مصطفيٰ رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عاجزي ڪندي ۽ اسان کي سمجهائيندي فرمائن ٿا۔

نَفْسِ بدکار نے دل پہ یہ قِیامَت توڑی                           عملِ نیک کِیا بھی تو چھپانے نہ دِیا

 (سامانِ بخشش،ص۶۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد