Shetan Ki Insan Say Dushmani

Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

شيطان چيو: هي سامهون جيڪو شهر آهي ان کي منهنجي هي آڱر ٿوري دير ۾ تباھ برباد ڪري ڇڏيندي ۽ ماڻهو جھيڙو جهٽو پاڻ ئي شروع ڪري ڏيندا۔ شيطان ان شخص سان گڏ شهر ۾ داخل ٿيو، هڪ بازار ۾ حلوائي کنڊ ڳاري ان جو شِيرو بڻائڻ جي لاءِ ان کي هڪ وڏي ٿانوَ ۾ گرم ڪري رهيو هو۔ شيطان شيري ۾ آڱر وجھي ٿورو شيرو ڪڍيو ۽ ان کي ديوار تي لڳائيندي چيائين: هاڻي ڏسجان اهو شهر ڪيئن تباھ ٿئي ٿو، پوءِ ان ديوار تي لڳل شيري تي مکيون اچي ويٺيون، مکين جو هجوم ڏسي هڪ ڪِرِڙِي مکين تي حملو ڪرڻ جي لاءِ ديوار تي چڙھي۔ حلوائي جي هڪ ٻلّي هئي، ان ٻلّي(Cat) ڪِرِڙِي کي ڏٺو ته ان تي حملو ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وئي، ٻه (2) فوجي بازار مان گُذري رهيا هئا جن سان گڏ انهن جو ڪتو به هو، ڪتّي ٻلّي کي ڏٺو ته هڪ دم ان تي حملو ڪري ڏنو، ٻلّي ڀڄڻ جي لاءِ ٽپو ڏنو ته سڌو وڃي شيري جي ٿانوَ ۾ ڪري ۽ مري وئي۔ حلوائي پنهنجي ٻلّي کي مرندي ڏٺو ته ڪتّي کي ماري وڌو، اهو منظر ڏسي فوجين حلوائي کي هلاڪ ڪري ڇڏيو۔ حلوائي جي عزيزن کي خبر پئي ته انهن فوجين کي ماري وڌو، جڏهن فوج کي پنهنجن ٻن (2) فوجين جي مَوت جو پتو پيو ته فوج (غُصّي ۾) اچي سڄي شهر کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو۔ (شيطان ڪي حڪايات،ص۱۵۰ملخصاً)

نَفْس و شیطان ہو گئے غالب                                           ان کے چُنْگل سے تُو چُھڑا یارب

 (وسائل بخشش مرمم،ص۷۹)

شيطان جي خلاف جنگ                            جاري رهندي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ جيڪو سبق اسان جي لاءِ موجود آهي، اهو هي آهي ته اسان پاڻ به جهيڙن کان بچون ۽ ٻين کي به هن شيطاني ڪم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪريون، ڇوته ڪڏهن صرف غلط فهمي جي