Koshish Kamyabi Ki Kunji

Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

رکندڙ شاگرد هئا، بلڪ گھٽ ذهن هئڻ ۾ سندن جو مثال ڏنو ويندو هو۔ پر ان جي باوجود سعدالدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه همت نه هارياؤن بلڪ ڪنهن جي طعني جي پرواھ نه ڪندي پنهنجا سبق پڙھڻ ۽ ياد رکڻ جي لاءِ ڪوشش ۽ محنت جاري رکيائون۔ هڪ ڏينهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سبق ياد ڪرڻ ۾ مصروف هئا ته هڪ اجنبي شخص اچي چيائين: سعدالدين! اُٿ، اسان گهمڻ ڦرڻ هلون ٿا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: ”مون کي گهمڻ ڦرڻ (Play and amusement) جي لاءِ پيدا ناهي ڪيو ويو، (منهنجي حالت اها آهي جو) مطالعي جي باوجود مون کي ڪجھ سمجھ نٿو اچي، مان ڀلا پوءِ ڪيئن گهمڻ وڃي سگھان ٿو؟ اهو ٻڌي اهو شخص هليو ويو پر ڪجھ دير کان پوءِ وري موٽي آيو ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ گڏ هلڻ جو چيائين۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو ساڳيو جواب دهرايائون۔ هو وري هليو ويو پر ڪجھ دير کان پوءِ ٻيهر موٽي آيو ۽ هاڻي چوڻ لڳو: اوهان کي رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ياد فرمائي رهيا آهن۔ اهو ٻڌي سندنرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بدن ڏڪڻ لڳو ۽ پيرين اگھاڙي ئي محبوب ِربِّ اڪبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ديدار جي لاءِ ڊوڙي پيا ايستائين جو شهر کان ٻاهر هڪ هنڌ تي پهتا جتي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ گھاٽي وڻ جي ڇانوءَ ۾ جلوه فرما هئا۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت سعد الدين تفتازاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ڏسي مرڪندي ارشاد فرمايائون: اسان جي هر هر سڏڻ تي اوهان نه آيا؟ سعدالدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انتهائي نوڙت ڀري لهجي ۾ عرض ڪيائون: ”يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي معلوم نه هو ته اوهان ياد فرمائي رهيا آهيون ۽ اوهان ته منهنجي ڪمزور يادداشت کان بخوبي واقف آهيو، مان پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ پنهنجي مرض کان شفا جو طلب گار آهيان۔“ حضرت سعدالدين تفتازاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو فرياد ٻڌي درياءِ رحمت جوش ۾ آيو، نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: ” پنهنجو وات کوليو۔“ پاڻ پنهنجو وات کولياؤن ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو لُعابِ دَهن يعني ٿُڪ مُبارڪ سعدالدينرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وات ۾ وڌائون، ۽ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي لاءِ دعا گھرياؤن