Koshish Kamyabi Ki Kunji

Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

۽ ڪاميابي (Succes) جي بشارت عطا فرمائي گھر موٽڻ جو حڪم ارشاد فرمايائون۔ ٻئي ڏينهن جڏهن سعدالدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قاضي عبدالرحمٰن شيرازي جي درس ۾ حاضر ٿيا ته سبق دوران سعدالدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه استاد صاحب جي درس ۾ ڪجھ علمي سوال ڪيا (جيڪي باريڪ بيني ۽ گهري سوچ جو نتيجو هو) درس ۾ شريڪ ٻيا شاگرد انهن سوالن جي گهرائي تائين نه پهچي سگھيا ۽ فضول ۽ بي معني سمجھي سندنرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڳالهين کان پاسو ڪرڻ لڳا، پر سندن استاد قاضي صاحب جيڪي ميدانِ علم جا شهسوار هئا، حضرت سعد الدين تفتازاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون علمي ڳالهيون ٻڌي اَشڪبار ٿي ويا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي مخاطب ڪري ارشاد فرمايائون: ”اي سعد الدين! اڄ توهان اهي نه آهيو جيڪي ڪل هئا.“ پوءِ حضرت سيدنا سعدالدين تفتازانيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڄو واقعو استاد صاحب جي بارگاھ ۾ بيان ڪيائون۔ (شذرات الذھب،سنۃ احدي و تسعين وسبعمائۃ، ۷/۶۸)

نبی  کی  دید  ہماری  ہے  عید  یااللہ                       عطا ہو خواب میں دیدارِ مصطفٰے یاربّ!

 (وسائلِ بخشش مرمم،ص۸۳)

 

      اي عاشقان رسول! بيان ڪيل واقعي ۾ جتي اسان گناھگارن جي شفاعت فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو جود ۽ ڪرم ۽ حاجت روائي ڪرڻ ظاهر ٿي رهي آهي، اتي ان مان ٻيا کوڙ مدني گل حاصل ٿي رهيا آهن، مثال طور علم دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ اِستِقامت سان ڪيل ڪوشش هميشه رنگ آڻيندي آهي جيئن ته حضرت علامه سعدالدين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪوشش ۽ استقامت سندن کي ڪامياب ڪرايو، ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي دور جا تمام وڏا عالم دين بڻجي ويا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيئي ڪتاب به لکيا۔

      ياد رکو! علم دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ اهڙي نيڪي آهي جيڪا انسان کي ڪاميابي جون منزلون طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي علم جي ميدان ۾ لازوال ڪاميابي سان گڏوگڏ دنيا ۽ آخرت ۾ سرخروئي جو