Koshish Kamyabi Ki Kunji

Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

پنهنجي ڪوشش جاري رکندي منزل جي طرف سفر جاري رکياؤن، دعوت اسلامي جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ڏينهن ۾ گهڻو ڪري هڪ کان وڌيڪ ڀيرا بيان ڪندا هئا ۽ بسن، ريلن ۾ سفر ڪري مسجد مسجد، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر پاڻ تشريف کڻي ويندا هئا. شروع شروع ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو جو گهر واپس ايندي وقت بس اڌ رستي ۾ لاهي ڇڏيندي هئي، رڪشي يا ٽيڪسي جو ڪرايو ادا ڪرڻ جي استطاعت نه  هجڻ ڪري آڌي رات جو پنج يا ڇھ ڪلو ميٽر پيادل پنڌ ڪري گهر اچڻو پوندو هئو. پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نيڪي جي دعوت ڏيڻ سان گڏوگڏ مريضن جي عيادت ڪندا، پري ۽ ويجهو وڃي ڪري جنازن م شرڪت فرمائيندا ۽ غمي ۽ خوشي جي موقعن تي مسلمانن جي اهڙي دلجوئي فرمائيندا هئا جو اهي به  الله تعالٰي جي فضل سان متاثر ٿيڻ کان سواءِ نه رهي سگهندا هئا. سندن جي مسلسل ڪوشش ۽ ان تي استقامت جو نتيجو آهي جو اڄ دعوت اسلامي جو مدني ڪم دنيا ڀر ۾ پهچي چڪو آهي اڃان وڌيڪ سفر جاري آهي. امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ انسان جي شخصيت کي درست سمت ڏانهن گامزن ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪوشش ڪئي، ڪوڙ، غيبت، چغلي ۽ فحش گوئي جهڙن ڪيئي ظاهري ۽ باطني بيمارين کان نجات ڏيارڻ جو ذمو کنيو، ذاتي اِحتساب (Self-Accountability) جي لاءِ امت مسلمه جي هر فرد چاهي اهو پوڙهو هجي يا جوان، مرد هجي يا عورت، ،مدرسة المدينه جو شاگرد هجي يا جامعة المدينه جو، چاهي اهو نابينا هجي يا گونگو ٻوڙو يا چاهي  ڪوئي  قيدي هجي الغرض سڀني کي پنهنجي اڳوڻن عملن تي غور ڪرڻ جو ذهن ڏنائون ۽ ان جي لاءِ ”مدني انعامات“ جو مضبوط نظام متعارف (Introduce) ڪرايائون۔اميراهلسنتدَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي صحبت دراصل ”ڪردار سازي“ جو اهو ڪارخانو آهي جو جتي انسان جي ظاهر ۽ باطن جي ڪَٽِ کي دور ڪري محبتِ الهي ۽ عشق مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رنگ سان مزين ڪيو ويندو آهي، اخلاق ۽ ڪردار جي خوشبو ان ۾ رڱي ويندي آهي، حسنِ عمل جي نگينن سان