Koshish Kamyabi Ki Kunji

Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

سينگاري ان کي معاشري جي لاءِ پُرڪشش بڻايو ويندو آهي ۽ دينِ اسلام جو اهڙو درد ۽ سوز ان جي دل ۽ دماغ ۾ ويهاريو ويندو آهي جو ان کي هڪ باڪردار انسان، دينِ اسلام جو متحرڪ مبلغ ۽ معاشري جو خيرخواه بڻجڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي۔ امير اهل سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ معاشرتي اصلاح ڏانهن خاص ڌيان ڏنائون۔ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ معاشري جي اصلاح جي لاءِ پاڻ مدني قافلن ۾ سفر ڪري ان جي اهميت ۽ ضرورت کي اجاگر ڪيائون ۽ هن نيڪ ڪم کي خوش اسلوبي سان انجام ڏيڻ جي لاءِ اهڙا تربيت يافته مبلغ فراهم ڪيا جيڪي غير مسلمن کي ايمان جي دعوت ڏيڻ، فاسِقن کي متقي بنائڻ، غافِلن کي خوابِ غفلت کان جاڳائڻ، جهالت جي اونداهي جو خاتمو ڪري عِلم ۽ مَعرِفَت جو نور ڦهلائڻ ۾ مصروف آهن ۽ مسلمانن کي اهو مدني مقصد اپنائڻ جي ترغيب ڏياري رهيا آهن ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔“ اميراهلسنتدَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ دعوتِ اسلامي جي انتظامي معاملات کي پنهنجي ذات تائين محدود نه رکيائون بلڪ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو جذبو، مدني ڪمن جي شوق رکڻ وارن، پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏيڻ وارن مبلغن کي پنهنجي نگاھ فيض سان اهڙو نوازيائين جو انهن کي مجلس شوريٰ جي لڙي ۾ پروئي ڇڏيائون ۽ دعوتِ اسلامي جو نظام مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي حوالي ڪري ڇڏيائون۔ معاشري کي جنهن جنهن ميدان ۾ اصلاح جي ضرورت پيش ايندي وئي دعوتِ اسلامي ان جي لاءِ شعبا قائم ڪيا ان سلسلي ۾ ٭ اشاعت علم جي لاءِ  عظيم الشان ديني درسگاهون جامعاتُ المدينه(للبنين ۽ للبنات) ۽ ديني ۽ دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ دارُالمدينه، ٭حفظِ قرآن ۾ مصروف مدرسة المدينه، ٭ مسجد ڀريو تحريڪ سان گڏوگڏ مسجد بڻايو تحريڪ جي لاءِ مجلس خدام المسجد جو قيام، ٭ المدينة العلميه جهڙو علمي ۽ تحقيقي شعبو، ٭ مڪتبة المدينه جهڙو اهل سنت جو اشاعتي ادارو، ٭ معاشري جي مختلف طبقن جي ضرورتن کي پورو