Koshish Kamyabi Ki Kunji

Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ۽ بزرگان دين جا ملفوظات ۽ فرمانن کي پهچائڻ جي لاءِ 1986 ۾ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو آغاز ڪيو ويو۔ دعوتِ اسلامي جي هن شعبي (Department) مان پهريان ته صرف بيانات جون آڊيو ڪيسٽون جاري ٿيون ۽ پوءِ الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم ۽ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نظرِ عنايت سان اهڙي ترقي نصيب ٿي جو  هاڻي مڪتبة المدينه تان جتي سنتن ڀرئي بيانن ۽ مدني مذاڪرن جون لکين لکين ڪيسٽون سڄي دُنيا ۾ پهچي رهيون آهن۔ اتي امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪتابن جو اردو ترجمو، اعليٰ حضرت، اميرِاهلسنت٭ ۽ المدينةُ العِلمِيه جا ڪتاب به شائع ڪري ڪثير تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچايا پيا وڃن۔اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـهعَزَّوَجَلَّ پاڪستان کان علاوه ٻِين ملڪن، جهڙوڪ هند، برطانيه، جنوبي آفريقه وغيره ۾ به  ڪيئي مڪتبةالمدينه قائم ٿي چڪا آهن، الله پاڪ دعوت اسلامي جي سمورين مجلسن کي وڌيڪ ترقيون ۽ برڪتون عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵) 

سینہ  تری سُنَّت کا مدینہ بنے          آقا

جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا