Koshish Kamyabi Ki Kunji

Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته! شيخِ طريقت، اَمِيرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”101 مَدَني گُل“ مان جُتي پائڻ جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا.

جُتي پائڻ جون سُنتون ۽ آداب

          ٭ فرمان مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ ]1[ جتي ڪثرت سان استعمال ڪيو جو انسان کي جيستائين جوتي پاتل هوندي آهي ڄڻ اهو سوار آهي (يعني ٿڪاوٽ گھٽ ٿيندي) (مسلم ص 1161 حديث 2096) ٭ جُتي پائڻ کان پهرين ڇنڊي وٺو ته جيئن ڪو جيت يا پٿري وغيره هجي ته نڪري وڃي ٭ فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم؛ آهي: جڏهن توهان مان ڪو جتي پائي ته ساڄي طرف کان ابتدا ڪري ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي طرف کان ابتدا ڪرڻ گھرجي ته جيئن ساڄو پير پائڻ ۾ پهرين ۽ لاهڻ وقت آخر ۾ رهي. (بخاري ج 4 ص 65 حديث 5855) ٭ اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن مسجد ۾ وڃڻ ٿئي ته پهريان کاٻو پير ڪڍي جتي تي رکو پوءِ ساڄو پير مان جتي ڪڍي مسجد ۾ داخل ٿيو ۽ جڏهن مسجد کان ٻاهر نڪرو ته کاٻو پير ڪڍي جتي تي رکي وٺو پوءِ کاٻو پير ڪڍي ساڄو پير پائي وٺو پوءِ کاٻو پائي وٺو۔ (نزهۃ القاري،۵/۵۳۰) ٭ مرد مرداڻو ۽ عورت زنانو جوتو استعمال ڪري ٭ ڪنهن حضرت سيِّدتُنَا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي عرض ڪيو؛ هڪ عورت (مردن جيان) جوتا پائيندي آهي، انهن فرمايو؛ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرداڻي عورت تي لعنت فرمائي آهي۔ (سنن ابي داؤد ج 4 ص 84 حديث 4099) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي عَلَیهِ رَحْمَةُ اِ القوي بهار شريعت ج 3 صفحي 422 تي فرمائن ٿا: يعني عورتن کي مرداڻا جوتا نه پائڻ گهرجن۔ بلڪ اُهي تمام ڳالهيون جن ۾ مردن ۽ عورتن ۾ فرق واضع ٿيندو آهي انهن ۾ هر هڪ کي ٻين جي وضع قطع اختيار ڪرڻ (يعني نقل ڪرڻ) جي ممانعت آهي، نه مرد عورت جي وضع اختيار ڪري نه عورت مرد جي ٭ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ڇڏيو جو ان سان پيرن کي آرام ملندو ٭ (تنگدستي جو هڪ