Koshish Kamyabi Ki Kunji

Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا ڪندا رهيا، پندرهن سالن تائين سڄي رات ۾ هڪ قرآنِ پاڪ ختم ڪندا رهيا۔ (بهجۃالاسرار،ذڪرفصول من ڪلامه... الخ، ص۱۱۸) هر روز هڪ هزار رڪعت نفل ادا ڪندا هئا۔ (تفريح الخاطر،ص۳۶)

  حضرت سَيدُنا سُفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي سندن اِنتقال کان پوءِ خواب ۾ ڏسي ڪنهن پڇيو: مَا فَعلَ اللّٰه بِكَ۔ يعني الله ڪريم اوهان سان ڪهڙو مُعاملو ڪيو؟ ته پاڻ جواب ڏنائون ته مون پنهنجي ربِّ ڪريم جوديدار ڪيو ته الله ڪريم مون کي فرمايو: اي ابنِ سعيد! تو کي مُبارڪ هجي، مان تو سان راضي آهيان، ڇوته جڏهن رات ٿي ويندي هئي ته توهان لڙڪن ۽ رقت قلبي سان منهنجي عبادت ڪندا هئؤ، جَنّت (Heaven) توهان جي سامهون آهي جيڪو محل وڻِيۡوَ کڻي وٺو ۽ توهان منهنجي زيارت ڪندا رهو، ڇوته مان تو کان پري ناهيان۔ (حليۃ الاولياء، سفيان الثوري ، ۷/۷۷)

تاج و تخت و حکومت مت دے                                                          کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رضا کا دیدے مُژدہ                                                                                                                                                            یااللہ میری جھولی بھر دے

                                                                                           (وسائلِ بخشش مرمم، ص۱۲۳)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! اسان جا بُزرگ سڳورا الله پاڪ جي رضا جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيتري قدر ڪوشش ڪندا هئا، ڏينهن هجي يا رات انهن جي زندگي جو مقصد هڪ ئي هوندو هو ته اسان کي پنهنجي رب ڪريم کي راضي ڪرڻو آهي، جڏهن اهي مقدس هستيون الله پاڪ جي عبادت ۽ رياضت اهڙي انداز کان ڪنديون آهن جهڙي طرح عبادت ڪرڻ جو حڪم آهي ته ربِّ ڪريم انهن کي پنهنجي رضا جي خوشخبري ڏيندو آهي، پرافسوس!اَڄُ اسان دنياوي اعتبار سان ته هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، مثال طور ڪنهن جو عاليشان بنگلو ڏسي ان جھڙو بنائڻ جي خواهش ڪندا آهيون، ڪنهن کي عمده ڪپڙا پاتل ڏسي اهڙا ئي پائڻ جي خواهش ڪندا آهيون، ڪنهن جي نئي ڪار يا ڪامياب ڪاروبار (Business)