Koshish Kamyabi Ki Kunji

Book Name:Koshish Kamyabi Ki Kunji

اگر میزاں پہ پیشی ہوگئی تو ہائے! بربادی!                          گناہوں کے سِواکیا میر ے نامے میں بھلا نکلے

کرم سے اُس گھڑی سرکار! پردہ آپ رکھ لینا                   سَرمَحْشَر مِرے عیبوں کا جس دم تذکِرہ نکلے

                                                                                          (وسائلِ بخشش مرمم ،ص۴۳۰)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اسان جا بزرگان دين عبادتِ الهي جو ڪيتري قدر شوق ۽ جذبو رکندا هئا ۽ ڪثرت سان عبادت ڪرڻ کان پوءِ به الله ڪريم جي بارگاھ ۾ عاجزي ۽ انڪساري ڪندي ان جي قبوليت جون دعائون ڪندا هئا، ٭اسان کي به خوب خوب الله پاڪ جي عبادت ڪري رضاءِ الٰهي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔٭ اسان کي به الله پاڪ جي عبادت ڪري قبر جي روشني جو سامان ڪرڻ گهرجي. ٭اسان کي به الله پاڪ جي عبادت ڪري محشر جي ڏينهن جي گرمي کان بچڻ جو سامان ڪرڻ گهرجي. ٭اسان کي به الله پاڪ جي عبادت ڪري ميزان ۾ نيڪين جي پڙن کي ڳرو ڪرڻ جو ڪجھ سامان ڪرڻ گهرجي. ٭ اسان کي به الله پاڪ جي عبادت ڪري پُل صراط کي پار ڪرڻ جو سامان ڪرڻ گهرجي. ٭ اسان کي به الله پاڪ جي عبادت ڪري جنت ۾ بلند درجا حاصل ڪرڻ جو سامان ڪرڻ گهرجي.

ياد رکو! اسان کي ته پيدا ئي الله پاڪ پنهنجي عبادت جي لاءِ ڪيو آهي، ان مقصد ۾ ڪاميابي جي لاءِ انسان کي هن دنيا ۾ تمام ٿورڙي وقت جي لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ هن وَقفي ۾ ان کي قبر ۽ حشر جي وڏن معاملن جي لاءِ تياري ڪرڻي آهي، لهٰذا سمجھدار انسان اهو ئي آهي جيڪو هن مختصر وقت کي غنيمت سمجھندي قبر ۽ حشر جي تياري ۾ مشغول ٿي وڃي ۽ گھڙي کن به پنهنجو قيمتي وقت فضول ڪمن ۾ برباد نه ڪري، ڇوته ڪنهن کي خبر ناهي ته ايندڙ گھڙي هو زنده به رهندو يا موت ان کي هميشه جي لاءِ گهري ننڊ سمهاري ڇڏيندو۔

عبادت میں گُزرے مِری زِندگانی                                کرم ہو کرم یا خدا یا اِلٰہی

(وسائلِ بخشش ص 105)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد