Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

اسان کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي، اونداهي قبر ۾ لهڻو آهي، خبر ناهي ڪيترا سال عالمِ برزخ (برزخ جي لفظي معنيٰ اوٽ ۽ پردي جي آهي ۽ مرڻ جي بعد کان وٺي قِيامت ۾ اُٿڻ تائين جو وقفو "برزخ" چورائي ٿو) ۾ رهڻو آهي، پوءِ قِيامت قائم ٿيڻي آهي، پوءِ ميدانِ محشر ۽ حساب ڪتاب جو معاملو دَرپيش ٿيڻو آهي، ته اسان کي هنن سمورن مرحلن جي تياري ڪرڻ گھرجي، هڪ مسلمان جي آخرت جي تياري جو انداز ڪيئن هئڻ گھرجي ۽ هڪ ٻانهو ڪهڙي طرح هميشه پنهنجي آخرت کي ياد رکي سگھي ٿو؟ اچو هن جا ٻه طريقا ٻڌون ٿا۔

پهريون طريقو موت کي ياد رکڻ!

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! آخرت جي تياري ڪرڻ جي لاءِ موت کي ياد ڪرڻ نهايت ضروري آهي، ڇوته موت آخرت جي پهرين ڏاڪڻ آهي ۽ موت آخرت جو پهريون مرحلو آهي۔ موت کي ڪثرت سان ياد ڪرڻ ڄڻ ته آخرت جي سمورن مرحلن کي ياد ڪرڻ آهي جو جڏهن ٻانهو موت کي ياد ڪندو ته ربّ کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن ڏانهن وڌندو، اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڪهڙي ڪم ۾ منهنجي ربّ جي رِضا آهي ۽ ڪهڙو ڪم ان کي ناراض ڪرڻ وارو آهي، پوءِ اهو ربّ جي احڪامن جي مطابق ان جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويندو۔ الله وارا سڄي زندگي فڪرِ آخرت ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، ان ڪري جو اهي ڪثرت سان موت کي ياد ڪندا هئا ۽ انهن کي موت زندگي کان وڌيڪ عزيز هوندو هو۔

موت زندگي کان وڌيڪ محبوب

      مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”احياء العلوم مترجم“ جلد 5 صفحي 476 تي آهي ته جڏهن حضرت سَيدُنا حذيفه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وفات جو وقت ويجھو ٿيو ته پاڻ فرمايائون: اي ڪريم رب! توکي معلوم آهي ته مون پنهنجي مالداري کان وڌيڪ غربت (Poverty) کي محبوب رکيو آهي، مون پنهنجي صحت کان وڌيڪ بيماري کي پسند ڪيو آهي ۽ مون زندگي کان وڌيڪ موت کي محبوب رکيو آهي، تنهنڪري تون مون تي موت آسان ڪر ته جيئن مان تو