Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

سان ملاقات ڪري سگھان۔

روح نہ کیوں ہو مضطرب موت کے انتظار میں

سنتا ہوں مجھ کو دیکھنے آئیں گے وہ مزار میں

جيڪڏهن اسان الله وارن جي زندگين جو مطالعو ڪريون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهي اها ڳالھ ڪڏهن نه وساريندا هئا ته اسان کي اها دنيا ڇڏي وڃڻو آهي، انهن کي اهو هميشه ياد رهندو هو ته اسان هن دنيا ۾ مسافر جيان آهيون، ان ڪري اهي فڪرِ آخرت ۾ مبتلا رهندا هئا ۽ دنيا ڏانهن بلڪل به توجھ نه ڪندا هئا۔

زبردست امام، معمولي ڪپڙن ۾!

    جيئن منقول آهي ته حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڀيري مڪه معظمه ۾ تشريف فرما هئا۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ظاهري شان ۽ شوڪت سان بي نياز هئا، ان ڪري سندن کي نهايت ساده ۽ معمولي قسم جو لباس پاتل هئو۔ حضرت سيدُنا عبدالرحمن طُوسي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عرض ڪيائين: اوهان وٽ هن جي علاوه ٻيو ڪو ڪپڙو نه آهي۔ اوهان وقت جا اِمام ۽ قوم جا پيشوا آهيو، هزارين ماڻهو اوهان جا مُريد آهن؟ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جواب ڏنائون: اهڙي شخص جو لباس ڇو ڏسو ٿا جيڪو هن دنيا ۾ هڪ مسافر جيان مقيم هجي ۽ جيڪو هن ڪائنات جي رنگينن کي فاني ۽ وقتي تصور ڪندو آهي۔ جڏهن ڪائنات جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن دنيا ۾ مسافر جيان رهيا ۽ ڪجھ مال دولت گڏ نه ڪيائون ته منهنجي ڇا حيثيت ۽ حقيقت آهي۔‘‘  (احياء العلوم، ۱/۱۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ اوليا! امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سادگي ۽ پنهنجي موت ۽ آخرت کي ياد ڪرڻ جو انداز ۽ جذبو مرحبا، اي ڪاش جو اسان به امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ