Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

٭”احياء العلوم“ آخرت جي تياري تي اُڀارڻ وارو ڪتاب آهي، ٭  احياءُ العلوم  نفس جي چُنگل مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارو عظيمُ الشّان ڪتاب آهي، ٭ ”احياء العلوم“ بار  بار پڙھڻ لائق ڪتاب آهي۔ ٭ ”احياء العلوم“ ۾ ظاهري عُلُوم سان گڏوگڏ باطِني عُلُوم جو به بيان ڪيو ويو آهي۔ ٭ ”اِحياءُ العلوم“ دُنيا سان گڏ آخرت کي به بهتر بنائڻ جو ذريعو آهي۔ ٭ ”احياء العلوم“ شيطان جي شرارتن کي سڃاڻڻ جو مؤثر ذريعو آهي، ٭ ”احياء العلوم“ جو مُطالَعو ۽ ان ۾ بيان ٿيڻ وارين ڳالهين تي عمل دلين جي صفائي جو سبب آهي۔ ٭ ”احياء العلوم“ انسان کي ’’ڪامل انسان‘‘ بنائڻ وارو ڪتاب آهي۔ اميرِ اهلسنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هن ڪتاب جي اَهميت بيان ڪندي فرمائن ٿا: باطن جي اِصلاح ۾ حُجَّةُ الاِسلام حضرت سَيدُنا امام محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مون تي وڏو اِحسان آهي۔ سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا ڪتاب مِنهاجُ العابِدِين ۽ اِحياءُ العُلُوم وغيره پڙھندي ڪيئي ڀيرا اهو محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ مون کي ئي ڪن پڪڙي سمجھائي رهيا آهن ته ”وڏو نيڪ سڏائين ٿو ٿورو پنهنجو اندر ته ڏس! تو ۾ ته هي به خرابي آهي ۽ تنهنجي اندر ته هوءَ به بُرائي آهي، ۽ جڏهن به پڙهندو آهيان ائين لڳندو آهي ته رُوح کي نئي نئي غِذا ملي رهي آهي، سَيدُنا امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا ڪتاب هڪ ٻه ڀيرا پڙهي رکڻ وارا نه آهن، زِندگي جي آخري پساھ تائين پڙهڻ لائق آهن۔“

اهو به ياد رهي ته هلاڪت ۾ وجھڻ وارن عملن جي ضروري معلومات ۽ انهن کان بچڻ جي طريقن بابت ڄاڻ فرض آهي، اهڙي طرح نجات ڏيارڻ وارن عملن جي ضروري معلومات ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا ڄاڻڻ به فرض آهن ۽ احياء العلوم ان علم کي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي۔

نجات ڏيارڻ وارن عملن جي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب "نجات