Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

انعامات‘‘ جي تفصيلي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ’’مدني انعامات‘‘ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر ۽ خاص ڪري ذميدار هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبة المدينه جي بستي تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙھي سگھجي ٿو۔ هن رسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي، ٭ مدني انعامات ڇا آهن؟ ٭ فڪرِ مدينه ڪيئن ڪئي وڃي؟ ٭ مدني انعامات جا مقصد ٭ مدني انعامات جي درجه بندي، ٭ ڪجھ مدني انعامات جا طبّي ۽ سائنسي فائدا، ٭ اجتماعي فڪرِ مدينه جو طريقو ٭ مدني انعامات جون برڪتون، ٭ مدني انعامات بابت امير اهلسنّت جا فرمان ٭ مدني انعامات جي باري ۾ مرڪزي مجلس شورٰي جي مدني مشورن جا مدني گل ٭ مدني انعامات بابت شرعي ۽ تنظيمي احتياطن تي مشتمل سوال ۽ جواب وغيره ۔

٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن سان اَميرِ اَهلسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ گھڻا خوش ٿيندا آهن ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن. ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت ملندي آهي. ٭ مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفوGift) بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيهم اَجْمَعِين جي ياد ڏياريندو آهي، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔

مدني انعامات جون برڪتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مدني انعامات جي ڪري ڪيئي اسلامي ڀائرن کي برڪتون حاصل ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن۔ جيئن

صوبه پنجاب جي شهر سردار آباد (فيصل آباد) جي آس پاس ۾ رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڏيڍ سال ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه گذريو جو ان فڪر ِمدينه