Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

(پنهنجن عملن جو محاسبو ڪرڻ کي دعوتِ اسلامي جي اِصطلاح ۾ فڪرِ مدينه چيو ويندو آهي) نه ڪئي هجي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني انعامات تي عمل جي برڪت سان انهن کي سوره ملڪ زباني ياد ٿي وئي آهي، اهڙي طرح زم زم نگر (حيدرآباد باب الاسلام، سندھ) جي هڪ اسلامي ڀاءُ کي رجب المرجب 1426 ھ جي هڪ رات ۾ خواب ۾ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت جي عظيم سعادت ملي۔ مبارڪ چپن کي جنبش ٿي ۽ رحمت ڀريا گل ٽرڻ لڳا، لفظ ڪجھ هن طرح ترتيب ۾ آيا: جيڪو هن مهيني روزانو پابندي سان مدني انعامات بابت فڪرِ مدينه ڪندو، الله پاڪ ان جي بخشش فرمائيندو۔

مِرے تم خَواب میں آؤ،مِرے گھر روشنی ہوگی            مِری قسمت جگا جاؤ،عِنایت یہ بڑی ہوگی

مجھے گَر دِید ہوجائے،تو میری عِیْد ہوجائے                       تِرا دِیدار جب ہوگا، مجھے حاصِل خوشی ہوگی

میں بَن جاؤں سَراپا ”مَدَنی اِنْعَامات“ کی تَصویر                 بَنُوں گا نیک یااللہ اگر رَحمت تِری ہوگی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ٻيو طريقو نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪريو!

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي آخرت جي تياري ڪرڻ جا طريقا ٻڌي رهيا هئاسين، آخرت جي تياري ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان نيڪ ٻانهن ۽ الله وارن جي صحبت اختيار ڪريون، انهن جا تذڪرا ٻڌون ۽ انهن جي سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪري ان کي پنهنجي زندگي ۾ نافذ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪريون۔ جهڙي طرح ڪو شخص پنهنجي دُنيا کي بهتر کان بهترين ڪرڻ جي لاءِ فڪر مند رهي ٿو، الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها ان کان وڌيڪ پنهنجي آخرت جي بهتري جي لاءِ مصروفِ عمل هوندا آهن، اهي ماڻهو پنهنجون زندگيون هن طرز سان گذاريندا آهن جو بعد وارن جي لاءِ صرف انهن جو ذڪر ڪرڻ به الله پاڪ جون رحمتون ماڻڻ جو سبب بڻجي ويندو آهي۔ ان ڪري جڏهن ڪو الله وارن سان وابسته ٿي وڃي ته اهو به انهن جي