Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

رنگ ۾ رنگجي آخرت کي بهتر بنائڻ ڏانهن مائل ٿي ويندو آهي۔ مشاهدو آهي ته جيڪڏهن ڪو ٻانهو دنيا ۾ ڪنهن اهلِ فن سان ٻه چار ڏينهن ويهي ته ان جي فن جي ڪجھ نه ڪجھ معلومات گڏ ويهڻ واري کي به حاصل ٿي ويندي آهي، مثال طور جيڪڏهن ڪو ميڊيڪل اسٽور (Medical Store) تي ويهي ته دوائن جي ڪجھ نه ڪجھ معلومات ان کي به حاصل ٿي ويندي، اهڙي طرح ڪريانه اسٽور تي ٻه چار ڏينهن گذارڻ وارو اٽي، کنڊ، گيھ ۽ دال وغيره جهڙين شين جي ريٽ سان واقف ٿي ويندو آهي، ڪپڙي جي دڪان تي ٻه چار ڏينهن گذارڻ وارو ڪپڙي جي ڪوالٽي ۽ قسمن جي باري ۾ ڪجھ نه ڪجھ سکي ويندو آهي، اهڙي طرح جڏهن ڪو ٻانهو الله وارن سان اٿڻ ويهڻ شروع ڪري، انهن جي صحبت اختيار ڪري، انهن جي سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪرڻ وارو بڻجي ته جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت شامل ٿي وڃي ته ان ۾ به اهو ئي انداز پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندو جيڪو آخرت جي تياري ۾ فائديمند ٿي سگھي۔ ان کي به اها مدني سوچ ملي ويندي، جنهن سان آخرت بهتر ٿي سگھي ٿي۔ ڇوته الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها پنهنجي آخرت کي بهتر بڻائڻ جو ڪو به موقعو هٿ مان وڃڻ نٿا ڏين، هر اهو ڪم جنهن سان انهن جي آخرت سنورجي سگھي ٿي، اهي نيڪ انسان يڪدم ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو انهن جي صحبت ۾ رهڻ وارو به هن فاني دنيا جي رنگينين کي وساري آخرت ڏانهن مائل ٿيڻ لڳندو آهي۔ يقيناً جيڪي خُوش نصيب خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دولت سان مالا مال هجن، جيڪي خُوش نصيب محبتِ صحابه و اهلبيت جي دولت سان سرشار هجن، جيڪي خُوش نصيب سمورا سُنّتن جي واضح تصوير هجن، جيڪي خوش نصيب اطاعتِ الٰهي ۽ اتباعِ رسول جو مقدس جذبو رکندا هجن، جن جي صحبت جي برڪت سان عمل جو جذبو وڌندو هجي، جن جي صحبت جي برڪت سان گناهن کان نفرت ۽ فڪرِ آخرت نصيب ٿيندي هجي ته اهڙن جو فيضان ماڻڻ وارو ڀلا ڪهڙي طرح برڪتن کان محروم رهجي سگھي ٿو؟