Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

صحبت ضرور رنگ آڻيندي آهي!

  حضرت سَيدُنا مُصْلحُ الدِّين سعدي شيرازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سٺي صحبت جي اهميت کي نهايت خوب صورت انداز ۾ بيان فرمايو آهي جيئن پاڻ ”گلستانِ سعدي“ ۾ فرمائن ٿا، جنهن جو ترجمو ڪجھ هن طرح آهي: يعني هڪ ڏينهن خوشبو واري مٽي حَمَّام ۾ مون کي هڪ دوست جي هٿن مان ملي، مون ان مٽي کي چيو ته تون مُشڪ آهين يا عنبر! تنهنجي دلڪش خوشبو مون کي مَست ۽ بيخود ڪيو آهي (هي ٻڌي مٽي چيو) مان ته حقير (يعني ادنيٰ) مٽي هئس، پر هڪ عرصي تائين مان گُلن جي صحبت ۾ رهيس پوءِ هم نشين جي جمال مون ۾ اثر ڪيو (ته مان خوشبودار ٿي ويس) نه ته مان ته اها ئي خاڪ ۽ مٽي آهيان جيڪا پهريان هئس۔ (گلستان سَعدي ص۴)

سنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللہ                        تم اپنائے رکھو سدا مدنی ماحول

تمہیں لطف آجائے گا زندگی کا                             قریب آکے دیکھو ذرا مدنی ماحول

نبی  کی محبت میں رونے کا انداز                              چلے آؤ سکھلائے گا مدنی ماحول

بری صحبتوں سے کنارہ کشی کر                              کے اچھوں کے پاس آکے پا مدنی ماحول

سٺي صحبت جون برڪتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيتري قدر ممڪن هجي نيڪ ماڻهن جي صحبت کان وابسته رهو ڇوته سٺن جي صحبت انسان ته انسان جيڪڏهن ڪنهن جانور کي به نصيب ٿي وڃي ته پوءِ اهو عام جانور نٿو رهي بلڪ ان جي صحبت ۽ نسبت جي برڪت سان ان جي شان و شوڪت ۽ اهميت و رِفعت ڪيئي ڀيرا وڌي ويندي آهي،

اَصْحابِ ڪهف رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم جي ڪتي ئي کي ڏسو جو پهريان اهو هڪ عام ڪتّو هو پر ان کي اَصحابِ ڪهف رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم سان محبت ۽ اُلفت ٿي وئي تنهنڪري اهو ان الله وارن جي محبت ۾ انهن جو رفيق ۽ شريڪِ سفر ۽