Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

گرچہ ہیں بے حد قُصُور تم ہو عَفُوّ و غَفُور

بخش دو جُرم و خَطا تم پہ کروڑوں دُرُود

 

اي منهنجا ڪريم آقا! توڙي جو منهنجا گناھ بي شمار آهن، پر اوهان ته وڌيڪ معافي عطا ڪرڻ وارا آهيو، منهنجا گناھ ۽ خطائون به معاف ٿي وڃن، الله پاڪ اوهان تي ڪروڙين درود ۽ سلام نازل فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد