Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

هن مدني مقصد جي تحت زندگي گذاري رهيا آهن مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ تنهنڪري اسان سڀئي به هن مدني مقصد تي عمل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم و پيش 107 شُعبن ۾ مدني ڪمن جون ڌُومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ”مجلسِ تاجران“ به آهي، تجارت هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو هر ملڪ ۾ ڪرنگھي جي هَڏي جي حيثيت رکندو آهي، بلڪه ڪيترن ئي ملڪن جي معشيت جو دارومدار تجارت تي هوندو آهي، پر بدقسمتي سان علمِ دين کان دوري جي سبب اڄ مسلمانن جو هڪ تعداد تجارت جي اسلامي سونهري اصولن تي عمل ڪرڻ کان پري آهي. جڏهن ته عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت هڪ مجلسمجلسِ تاجران“ جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو ڪم شعبهء تجارت سان وابسته ماڻهن کي تجارت جي متعلق اسلامي تعليمات کان واقف ڪرائڻ آهي، ان ۾ تبليغِ قرآن و سُنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ انهن کي مدني ماحول سان وابسته ڪندي، مدني مقصد جي حصول ۽ بازارن ۾ مدني ماحول بنائڻ جي لاءِ مسجد يا ڪنهن به مناسب مقام تي مدني درس ڏيڻ جو اهتمام ڪرڻ آهي، جنهن کي چوڪ درس به چيو ويندو آهي. چوڪ درس کان علاوه مختلف وقتن ۾ ”تجارت ڪورسز“ ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، مدني چينل تي باقاعده ”احڪامِ تجارت“ جي نالي سان سلسلي جي ترڪيب آهي، جنهن ۾ دارالافتاء اهلسنّت جا مُفتي صاحب سوالن جا جواب قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ عنايت فرمائيندا آهن، الغرض تِجارت (Trade)کي صحيح معنيٰ ۾ اِسلامي انداز سان پيش ڪرڻ جي لاءِ ،دعوتِ اسلامي جي اها مجلس ڪوشش ۾ مصروف آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد