Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح، کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ، ۱ /۹۷،حدیث:۱۷۵ )

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                               بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جنازي جون سُنّتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! شَيخِ طريقت،اَميرِاَهلسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”مڙدي جي صدما“ مان جنازي جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان 2 فرمانِ مصطَفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحَظَه ڪريو: (1) جڏهن ڪو جنّتي شخص فوت ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ حياء ڪندو آهي ته انهن ماڻهن کي عذاب ڏئي جيڪي ان جو جنازو کڻي هليا ۽ جيڪي ان جي پٺيان هليا ۽ جن ان جي جنازي نماز ادا ڪئي۔ (فِردَوس الْاخبار،۱/۲۸۲،حديث ۱۱۰۸) (2) مؤمن ٻانهي کي مرڻ کان پوءِ سڀ کان پهرين جزا اها ڏني ويندي جو ان جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ وارن جي بخشش ڪئي ويندي آهي۔ (مُسندُ البزار، ۱۱/ ۸۶، حديث: ۴۷۹۶) ٭ جنازي نماز ۾ رضاءِ الٰهي، فرضِ ڪفايه جي ادائيگي، ميت ۽ ان جي عزيزن جي دلجوئي وغيره سٺين سٺين نيتن سان شرڪت ڪرڻ گھرجي. ٭ جنازي سان گڏ ويندي پنهنجي انجام جي باري ۾ سوچيندا رهو ته جيئن اڄ هن کي کڻي پيا هلن، اهڙي طرح هڪ ڏينهن مون کي به کڻي هلندا، جهڙي طرح ان کي مٽي جي مڻن هيٺ دفن ڪيو وڃڻ وارو آهي، اهڙي طرح مون کي به دفنايو ويندو، اهڙي طرح غور و فڪر ڪرڻ