Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

عبادت ۽ ثواب جو ڪم آهي. ٭ جنازي کي ڪلهو ڏيڻ ثواب جو ڪم آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي؛ جيڪو جنازي کي چاليھ قدم کڻي هلي، ان جا چاليھ ڪبيره گناھ معاف ڪيا ويندا ۽ هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي؛ جيڪو جنازي جي چئني پاون کي ڪلهو ڏيندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان جي مستقل بخشش فرمائي ڇڏيندو۔ (جوهره، ص۱۳۹، دُرِّمُختار،۳/۱۵۸،۱۵۹،بهارِ شريعت،۱/۸۲۳) ٭ سنّت هي آهي ته هڪ ٻئي پٺيان چئني پاون کي ڪلهو ڏئي ۽ هر ڀيري ڏھ ڏھ قدم هلي۔ پوري سنّت هي آهي ته پهريان ساڄي پاسي جي سيرانديءَ کي ڪلهو ڏي پوءِ ساڄي پيراندي کي، بعد ۾ کاٻي سيراندي کي ۽ پوءِ کاٻي پيراندي کي ۽ ڏھ ڏھ قدم هلي ته ڪل چاليھ قدم ٿيا۔ (عالمگيري،۱/۱۶۲،بهارِشريعت،۱/۸۲۲) ٭ جنازي کي ڪلهو ڏيڻ وقت ڄاڻي واڻي ايذاء ڏيڻ واري انداز ۾ ماڻهن کي ڌڪا ڏيڻ جيئن ڪجهه ماڻهو ڪنهن شخصيت جي جنازي ۾ ڪندا آهن اهو ناجائز ۽ حرام ۽ جھنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ٭ مڙس پنهنجي گھرواريءَ جي جنازي کي ڪلهو به ڏئي سگهي ٿو، قبر ۾ به لاهي سگهي ٿو ۽ منهن به ڏسي سگهي ٿو، صرف غسل ڏيڻ ۽ بنا رُڪاوٽ جي جسم کي هٿ لڳائڻ منع آهي۔ (بهارِشريعت،۱/۸۱۲،۸۱۳) ٭ جنازي سان گڏ بلند آواز سان ڪلمو شريف يا ڪلمو شهادت يا حمد ۽ نعت وغيره پڙهڻ جائز آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۹/۱۳۹تا۱۵۸)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں پَروَردگار                 سُنّتوں کی تَرْبِیَت کے قافِلے میں بار بار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد