Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

ايندڙهفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!         آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو ”زندگي جو مقصد۔‘‘ اسان جي زندگي جو مقصد ڇا آهي، اسان هن مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ ڪهڙا عمل ڪري رهيا آهيون ۽ ڪهڙا ٻيا عمل ڪري سگھون ٿا، اسان جي بزرگن جو زندگي گذارڻ جو ڪهڙو انداز هوندو هو جڏهن ته اسان جي زندگي ڪئين گذري رهي آهي ۽ اسان کي زندگي ڪهڙي طرح گذارڻ گھرجي۔ ان جي علاوه ڪيئي سبق آموز واقعا ۽ هنن واقعن مان حاصل ٿيڻ وارا مدني گل به آئنده هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ بيان ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد