Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا آخرت جي کيتي آهي، هتي جيڪو عمل ڪيو ويندو آخرت ۾ اهڙو ئي ميوو لُڻڻو پوندو، يقيناً سعادت مند آهن اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ رهي آخرت جي تياري ۾ مصروف رهندا آهن ۽ آخرت جي لاءِ نيڪ عملن جو تحفو کڻي ويندا آهن،آخرت جي تياري جو انداز ڪيئن هئڻ گھرجي؟ اڄ اسان هن موضوع تي مدني گل حاصل ڪنداسين۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته موت آخرت جي سفر جي پهرين ڏاڪڻ آهي، جيڪڏهن سفرِ آخرت جي اها ئي پهرين منزل ئي نگاهن جي سامهون رهي ته بعد جي سفر کي بهتر بڻائڻ جو به ذهن بڻجندو، اهڙي طرح اهي ماڻهو جيڪي سفرِ آخرت جي تياري ۾ مشغول رهندا آهن، يعني الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، انهن جي صحبت، انهن جي احوال ۽ اقوال کان واقفيت به ان سفر کي بهتر بڻائڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي، اڄ اسان انهيء باري ۾ مدني گل ٻڌنداسين۔  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

مون نقصان نه کنيو

   الله وارا دنيا جي بدران هميشه آخرت جو ڌيان رکندا آهن، دنيا جي شيء جي قرباني ڏئي بدلي ۾ آخرت جو فائدو ماڻڻ، انهن جو طريقو رهيو آهي، اچو هن طرح جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:

  منقول آهي ته صحابي رسول، حضرت سيدُنا زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انتهائي ڪامياب واپاري هئا، عام طور تي واپاري جي سوچ هوندي آهي ته واپار ۾ فائدو ئي ٿئي نقصان نه ٿئي، هڪ ڀيري حضرت سيدُنا زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي هڪ گھر جو 6 لکن ۾ وڪرو ڪيائون، ته سندن کي عرض ڪيو ويو: اي ابو عبد الله! (سستو وڪڻڻ جي سبب) اوهان کي ته نقصان ٿي ويو۔ ته حضرت زبير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ارشاد فرمايائون: هرگز نه! خدا جو قسم! توهان ڄاڻي وٺو ته مون کي نقصان نه ٿيو ڇوته مون اهو مال راھ خدا ۾ ڏئي ڇڏيو آهي۔ (يعني صدقو ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو خوش نصيب مسلمان راھ خدا ۾ پنهنجو مال صدقو ڪندو آهي ته اهو هرگز نقصان ناهي کڻندو بلڪ هو ته ان جي بدلي ۾ ملڻ واري عظيمُ الشّان ثواب جو حق دار پڻ ٿيندو آهي ۽ ان جي بَرَڪت