Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

سان ان جي مال ۾ به خوب اضافو ٿيندو آهي.) (عمدة القاري ڪتاب الخمس،باب برڪة الغازي،ج۱۰، ص ۴۶۴ ملخصاً) اهو به منقول آهي ته حضرت سيدُنا زُبَير بِن عَوَّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا هڪ هزار غلام هئا جيڪي سندن کي زمين جي پيداوار ۽ فديو وغيره ڏيندا هئا، پر ان مان هڪ درهم به سندن گھر ۾ نه ويندو هو، بلڪ پاڻ تمام جو تمام مال صدقو ڪندا هئا۔        (عمدة القاري ڪتاب الخمس،باب برڪة الغازي،ج۱۰، ص ۴۶۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دنيا جي مال جي بدلي آخرت جو نفعو ماڻيو

  اي عاشقانِ صحابه واهل بيت!صحابي رسول حضرت سَيدُنا زبير بن عوّام
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو دنيا جي مال جي بدلي آخرت ڪمائڻ جو جذبو مرحبا!  اي ڪاش اسان به سندن نقشِ قدم تي هلڻ وارا بڻجي وڃون ۽ دنيا جي نفعي ۽ نقصان کي ذهن مان ڪڍي آخرت جي نفعي۽ نقصان جو سوچڻ وارا بڻجي وڃون۔ اي ڪاش اسان به پنهنجن بزرگ سڳورن ۽ خاص ڪري صحابَه ڪرام جي نقشِ قدم تي هلڻ وارا بڻجي وڃون، اهي علم ۽ عمل جا پيڪر، فرض ۽ واجبن، سُنتن ۽ مُستحبن جا پابند ، قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪرڻ وارا، روزن جا شوقين، ربّ جي رِضا جي ڪمن ۾ مشغول هئڻ سان گڏوگڏ جنهن کي گنجائش هوندي هئي اهي ڪثرت سان صدقو ڪرڻ وارا هوندا هئا ۽ اهڙي طرح اهي الله پاڪ جي احڪامن تي عمل ڪندي آخرت جي تياري ۾ مصروف رهندا هئا۔

     هينئر اسان حضرت سَيدُنا زبير بن عوام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو ڪجھ تذڪرو ٻڌو، سندن عُرس مبارڪ هن مهينيجُمادَي الاُخريٰ ۾ آهي، اچو انهيءَ مناسبت سان سندن سيرت جا ڪجھ احوال مختصر طور ٻڌون ٿا:

حضرت سَيدُنا زبير بن عوّام جو تذڪرو

10 اهڙا جَلِيلُ القَدر ۽ خُوش نصيب صحابَه ڪرام رِضْوَانُ اللّٰه عَلَيهمْ اَجْمَعِين آهن، جن کي الله پاڪ جي عطا سان غيب جون خبروڻ ڏيڻ واري آقا، مڪي مدني