Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مِنبر شريف تي بيهي هڪ هڪ جو نالي وٺي جنّتي هئڻ جي خُوشخبري ٻُڌائي۔ انهن ڏهن (10) خُوش نصيبن مان هڪ حَضرتِ سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به آهن۔ حضرت سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حُضُورِ اَڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُڦيءَ حَضرتِ صَفِيّه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا فرزند آهن۔ (ڪراماتِ صحابه، ص۱۲۰)

سندن نالو ”زُبَير“والد جو نالو ”عوّام“ آهي جڏهن ته اسلام قَبول ڪرڻ وارن ۾ حضرت زبير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو چوٿون يا پنجون نمبر آهي۔

 (اسدالغابه، ۲/۲۹۵)

غَزوَه خَندَق جي موقَعي تي بَنِي قُرَيظَه جي سرگرمين جي خبر حضرت زبير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ئي کڻي آيا هئا۔ هن ڪارنامي (Achievement) مان خوش ٿي رحمتن واري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايائون: هر نبي جو هڪ حَوَارِي (يعني جان نثار دوست) هوندو آهي ۽ منهنجو حَوَارِي زُبَير آهي۔ (تاريخِ دمشق،۱۸/۳۶۰)

حَضْرتِ سَيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نهايت ئي امانتدار هئا۔ سندن اَمَانَت ۾ دِيانَت جي سبب ماڻهو ڪثرت سان پاڻ وٽ امانتون رکرائيندا هئا۔ حَضرتِ سيدُنا زُبَير بن عوّام رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن جنگِ جُمَل ڇڏي واپس موٽي رهيا هئا، ته 11 جُمَادَي الاُخريٰ 36 ھ ابنِ جُرمُوز پيڇو ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ڌوڪي سان شهيد ڪري ڇڏيو۔ (رياض النضرة، الباب السادس، الفصل التاسع، ۲/۲۸۹، الجزء الرابع،) سندن مَزَار مُبَارَڪ عِرَاق جي سر زمين تي جنهن علائقي ۾ واقع آهي، ان جو نالو ئي ”مَدِينَةُ الزُّبَير“ آهي۔ (هي بصره صُوبي جي وادي سِبَاع ۾ واقع آهي) (حضرت سيدنا زُبَير بن عوّام، ص۶۷) الله پاڪ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد