Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

سمجھدار ڪير

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً عقل مند اهو ئي آهي جيڪو موت کان پهريان موت جي تياري ڪري، الله ۽ رسول جي حڪم جي مطابق زندگي گذاري، ربّ جا احڪام سمجھي، اُنھن کي مڃي ۽ انهن تي عمل ڪري، سعادت مند اهو ئي آهي جيڪو سفرِ آخرت جو راهي بڻجڻ کان پهريان ئي زادِ راھ تيار ڪري، ياد رکو دنيوي زندگي بيحد مختصر آهي۔ ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي موت جي ويجھو ڪري رهيو آهي، ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي دُنيوي زندگي جي خاتمي ڏانهن کڻي وڃي رهيو آهي، ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي قَبر جي کڏ جي ويجھو ڪري رهيو آهي۔ ٭ اسان جو هر پساھ ڄڻ ته عالمِ دُنيا کان عالَمِ برزخ ڏانهن وڏي تيزي سان وڌندڙ هڪ قدم آهي، ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي موت جي ملائڪ سان ملائڻ جي طرف کڻي وڃي رهيو آهي، ٭ اسان جو هر پساھ دنيا جي سفر کي مختصر ڪندو پيو وڃي، ٭ اسان جو هر پساھ اسان کي راھ آخرت سان ملائڻ جو وسيلو بڻجي رهيو آهي۔ جيئن ئي اهو ساھ اسان جو بند ٿيو ، ته اسان جي عمل وارو سلسلو به رڪجي ويندو، پوءِ حسرت ۽ افسوس جي سِوا ڪجھ نه ورندو، ايتري به مُهلت نه ڏني ويندي جو هڪ ڀيرو ”سُبْحَانَ الله“ چئي پنهنجي نيڪين ۾ ئي اضافو ڪري سگھون۔ انهيءَ ڪري دنيا ۾ مليل هن زندگي کي غنيمت سمجھندي نيڪيون ڪمائڻ ۽ آخرت کي بهتر بڻائڻ ۾ لڳي وڃڻ گھرجي۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر شيء جو ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي، اسان جي پائڻ لاءِ ڪپڙا هجن، لکڻ جي لاءِ قلم هجي، رهڻ جي لاءِ گھر هجي، هٿ ۾ ٻڌل گھڙي هجي، تيز رفتار بائيڪ (موٽرسائيڪل) هجي يا هوا ۾ اُڏامندڙ جهاز هجن، سڀني جو ڪجھ نه ڪجھ مقصد ضرور آهي ۽ هر هڪ شيء پنهنجي مقصد جي تڪميل جو سبب بڻجي رهي آهي، ٿورو سوچيو! جڏهن ڪائنات جي هر شيء پنهنجي اندر ڪو نه ڪو مقصد