Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

رکي ٿي ته ڇا انسان بي مقصد پيدا ڪيو ويو آهي؟ ڇا هن اشرفُ المَخلُوقات جي پيدا ڪرڻ جو ڪو مقصد ناهي؟ ڇا حضرتِ انسان جي پيدائش بِلاوجه ۽ بِلا مقصد آهي؟ نه! نه هرگز نه! انسان کي هن دنيا ۾ بيڪار ناهي پيدا ڪيو ويو جيئن سيپاري 18 سورة المُؤمِنُون آيت نمبر115 ۾ ارشاد آهي:

اَفَحَسِبْتُمْ اَنَّمَا خَلَقْنٰكُمْ عَبَثًا وَّ اَنَّكُمْ اِلَیْنَا لَا تُرْجَعُوْنَ(۱۱۵) (پ۱۸،المؤمنون:۱۱۵)

ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ ڇا توهان اهو سمجهيو آهي ته اسان توهان کي بيڪار پيدا ڪيو آهي ۽ توهان کي اسان جي طرف موٽڻو نه آهي.

   اي عاشقانِ رسول! غور ڪريو! قرآنِ پاڪ جي هن آيت سڳوري مان معلوم ٿي رهيو آهي ته ڪو خاص مقصد آهي جنهن جي لاءِ انسان کي پيدا ڪيو ويو آهي، هن مقصد جي رهنمائي ڪندي سيپاري 27، سُورة الذّٰرِيٰت آيت نمبر 56 ۾ اِرشاد آهي:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶) (پ۲۷، الذّرِيٰت:۵۶)        

ترجموڪنزُالايمان: ۽ مان جن ۽ انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا جو منهنجي بندگي ڪن.

   هن آيت مان معلوم ٿيو ته انسانن ۽ جِنّن کي بيڪار پيدا ناهي ڪيو ويو بلڪ انهن جي پيدائش جو اصل مقصد اهو آهي ته هو الله پاڪ جي عبادت ڪن۔

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا آخرت جي کيتي آهي، دنيا ۾ ڪيو ويندڙ هر عمل آخرت جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، آخرت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ نهايت ضروري آهي ته عملن کي ٺيڪ ڪيو وڃي۔ الله پاڪ جي احڪامن کي سمجھيو وڃي ۽ ان جي مطابق عمل ڪيو وڃي۔ پنهنجي اصل مقصد عبادتِ الٰهي کي پيشِ نظر رکي حڪمِ اِلٰهي جي مطابق عبادتِ اِلٰهي ادا ڪنداسين ۽ ربّ ڪريم جو فضل شاملِ حال رهيو ته آخرت