Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

کي بهتر بڻائڻ گھڻو آسان ٿي ويندو۔

دنيا جو امتحان ۽ آخرت جو امتحان

      مَدرسن، جامعات ۽ اسڪولن، ڪاليجن جا جڏهن امتحان ٿيندا آهن ته ڏٺو ويندو آهي ته شاگرد ان جي ڪيئن تياري ڪري رهيا هوندا آهن، محنتي شاگردن کي پيپر جي علاوه ٻي ڪنهن شيء جو هوش ناهي رهندو، نه کائڻ ياد رهندو آهي نه پيئڻ جو هوش رهندو آهي، صرف هڪ ئي ڌُن هوندي آهي ته امتحان جي تياري ڪرڻي آهي ۽ هر اهو سوال جنهن جو اندازو هجي ته اهو پيپر ۾ اچي سگھي ٿو، ان جي خاص طور تي تياري ڪئي ويندي آهي، اهڙي وقت ۾ والدين جو به شاگردن کي ڀرپور ساٿ حاصل هوندو آهي ڇوته انهن کي خبر آهي ته پٽ ڪامياب ٿيندو ته ڪماؤ پٽ ٿيندو۔ اولاد دُنيوي امتحان ۾ ڪامياب ٿيندو ته زندگي بهتر ٿيندي، ٿورو سوچيو! جڏهن دنيا جي خاطر اسان ۽ اسان جو اولاد ايترو مگن ٿي ويندو آهي، ته پوءِ آخرت جي امتحان جي تياري جي لاءِ ته دُنيا جي امتحان کان وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! ٿوري دير جي لاءِ اسان غور سان پنهنجو جائزو وٺون ٿا ته ڇا ڪڏهن آخرت جي امتحان جي تياري لاءِ به ڪڏهن فڪر ٿيو آهي؟ ڇا ڪڏهن آخرت جي اِمتحان جي ڪاميابي جي لاءِ به اسان بي چين ٿيا آهيون۔ اعليٰ حضرت امام اهلسنّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا شعر ڪيتري قدر آخرت ڏانهن مائل ڪرڻ وارا آهن، ٻڌو!

راہ پُر خار ہے کیا ہونا ہے                                            پاؤں افگار ہے کیا ہونا ہے

ہم کو بِد کر وہی کرنا جس سے                                       دوست بیزار ہے کیا ہونا ہے

چھپ کے لوگوں سے کئے جس کے گناہ                       وہ خبردار ہے کیا ہونا ہے

ارے او مجرمِ بے پروا دیکھ                                         سر پہ تلوار ہے کیا ہونا ہے

کام زِنْداں کے کئے اور ہمیں                                       شوقِ گلزار ہے کیا ہونا ہے

بیچ میں آگ کا دریا حائل                                            قصد اس پار ہے کیا ہونا ہے