Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

Book Name:Akhirat Ki Tyari Ka Andaz Kasay Hona Chahiya

واں نہیں بات بنانے کی مجال                                      چارہ اقرار ہے کیا ہونا ہے

اچو! هنن شعرن جي مختصر وضاحت به ٻڌي وٺون:

      (1) دنيا جو سفر ڪنڊن يعني غفلتن، مال ۽ اولاد جي آزمائش وغيره سان ڀريل آهي ۽ ان تي وڌيڪ مصيبت اها آهي ته پير به زخمي آهن، قدم قدم تي رڪاوٽون آهن، خدا خير ڪري خبر ناهي اهو سفر ڪيئن طئي ٿيندو۔ (2) اسان ته ڄاڻي واڻي اهو ئي ڪم ڪريون ٿا جن کان الله پاڪ ۽ان جي رسولصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  منع فرمايو آهي ته اسان جو ڇا حال ٿيندو ۽ اسان ڪيئن نجات ماڻينداسين ؟ (3) يعني اسان ته پنهنجي خيال مطابق وڏي احتياط سان لڪي لڪي گناھ ڪيا آهن جڏهن ته اسان کي اها خبر به هئي ته الله پاڪ اسان جي هر لڪيل، ظاهر کان آگاھ آهي پر ماڻهن جو ڊپ هو خدا جو ڊپ نه هو۔ (4) اڙي او مجرم! تون ڪهڙو نادان آهين ڏسين نٿو ته تنهنجي مٿي تي هر وقت موت جي تلوار لٽڪي رهي آهي ۽ توکي ڪا پرواھ ئي ناهي، هاڻي توکي خبر پئجي وئي هوندي ته اهڙي مجرم سان ڇا ٿيندو۔ (5) اسان جي سوچ به ڪيتري ٻاراڻي آهي جو ڪم ته اهڙا ڪيون ٿا جو قيد خاني ۾ وڌا وڃون پر اميدون جنت جي باغن ۾ وڃڻ جون رکيون ويٺا آهيون، هنن حالتن ۾ اسان سان ڇا ٿيندو، خدا اسان سان اسان جي عملن جي مطابق معاملو ڪرڻ بدران عفو و ڪرم وارو معاملو فرمائي۔ (6) ڇا تو کي معلوم نه آهي ته تنهنجي ۽ جنت جي وچ ۾ باھ جو دريا آهي جنهن کي پار ڪري ئي جنت ۾ داخلا ٿي سگھي ٿو۔ (7) ربّ ڪريم جي بارگاھ ته اها بارگاھ آهي جو جتي ڪوڙ بهانو، مڪر ۽ فريب هلي ئي نٿو سگھي، اتي پنهنجي ڏوهن جي اقرار ڪرڻ کانسواءِ ڪا ٻي راھ نه هوندي۔ الله ڪريم اسان جي حال تي رحم فرمائي۔            آمين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمان هئڻ ناطي جڏهن اسان کي يقين آهي ته