Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

وڃون، اسان جا لهجا سَخت کان سَخت ٿيندا پيا وڃن۔ ٭ جيئن جيئن علمِ دِين کان دُوري ٿيندي پئي وڃي، جهالت وڌندي پئي وڃي ٭ جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي هڪ چماٽ هڻي ته بدلي ۾ هو ان کي ٻه (2) چماٽون هڻي ٿو، ٭ جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي هڪ مُڪ يا لت هڻي ٿو ته بدلي ۾ اهو ان کي ڪيئي مُڪا ۽ لتون هڻي ٿو، ٭ جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جي گاڏي غَلَطِي سان ڪنهن ٻئي جي گاڏي سان ٽڪرائجي وڃي جنهن جي سبب ان جي گاڏي جي لائٽ يا شيشو وغيره ٽُٽي وڃي ته ٻيو شخص ٽريفڪ جام ڪري ان سان جھيڙو جھٽو ڪرڻ کي شايد پنهنجو فَرض سمجھي ٿو، ٭ اهڙي طرح ڪي ماڻهو پنهنجي رشتيدارن، دوستن، گھر وارن، پاڙيسرين، مزدورن، ماتحتن، پاڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن، اداري وارن ۽ مسجد ڪميٽين وغيره جي ننڍين ننڍين غلطين کي پنهنجي عزّت جو مَسئَلو ٺاهي انهن تي ڪاهي پوندا آهن ٭ اُنهن کي گھڻيون گاريون ڏيندا آهن، سرِ عام انهن جي عزّت جا جنازا ڪڍندا آهن، بهاني بهاني سان پنهنجي ڪاوڙ ڪڍندا آهن، بداخلاقي ۽ فحش ڪلامي جا تمام ريڪارڊ (Records) ٽوڙي ڇڏيندا آهن۔ ٿورو سوچيو! ٭ ڇا صحابَه ڪرام جا غلام اهڙا هوندا آهن؟ ٭ ڇا صحابَه ڪرام جا چاهيندڙ بِلاوَجه ڪنهن سان لڙائي جھيڙو ڪندا آهن؟ ٭ ڇا صحابَه ڪرام سان مَحَبَّت جي دعوي ڪندڙ بَدلو وٺڻ جا موقعا ڳولهيندا آهن؟ ٭ ڇا صحابَه ڪرام جي چاهت کي دل ۾ رکڻ وارا گاريون ڏيندا آهن؟ ٭ ڇا صحابَه ڪرام سان محبت ڪندڙ تهذيب و اخلاق جو دامن هٿ مان ڇڏي ڏيندا آهن؟ ٭ ڇا صحابَه ڪرام جا غلام بي لگام هوندا آهن؟ ٭ ڇا صحابَه ڪرام جي صدق و وفا جا نعرا لڳائڻ وارا بداخلاق ۽ فحش گو هوندا آهن؟ يقيناً نه! هرگز نه۔

      تنهنڪري اسان کي گھرجي ته جيڪڏهن ڪو اسان جي مِزاج جي خِلاف ڪا ڳالھ يا يا ڪوئي اسان جي دل آزاري ڪري ته پاڻ تي قابو رکڻ گھرجي۔

ہو اَخْلاق اچّھا ہو کِردار سُتھرا                            مُجھے مُتَّقِی تُو بنا یاالٰہی!