Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته حضرت سَيدُنا صِدِيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن پنهنجي پٽ کي پاڙيسري کي ڌڙڪا ڏيندي ڏٺائون ته ڪيتري قدر احسن انداز ۾ نيڪي جي دعوت پيش ڪئي، ياد رکو! جڏهن پاڙيسري پاڻ ۾ ڪنهن ڳالھ تي جھيڙو ڪندا آهن ته سراسر اُنهن جو پنهنجو ئي نقصان ٿيندو آهي، ڇوته جھيڙي کان پوءِ به انهن کي گڏجي ئي رهڻو آهي ۽ انهن جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ ٻين ماڻهن جي لاءِ تماشو بڻجي ويندو آهي۔

افسوس! في زمانه اسان ٻين مُعاملن سان گڏوگڏ پاڙيسرين جي حقن جي ادائيگي جي مُعاملي ۾ به پستي جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا پيا وڃون، هڪ ئي گهٽي، پاڙي ۾ سالن جا سال گُذري وڃڻ جي باوُجُود پنهنجي پاڙيسري جي سڃاڻپ، ان جي موجودگي ۽ پاڙي جي حق کان غَفلت جو اهو عالَم هوندو آهي جو جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي ڪنهن عزيز سان ملڻ اچي ۽ اسان کان انهيء گھٽي يا پاڙي ۾ رهندڙ پنهنجي ڪنهن عزيز جو پتو معلوم ڪري ته اسان پيا سوچندا آهيون، ڇوته اسان کي بلڪل خبر ناهي هوندي ته اسان جي پاڙي ۾ ڪير رهي ٿو، ان جو نالو ڇا آهي، ڪم ڪهڙو ڪري ٿو، اسان ته پنهنجو پاڻ ۾ هن طرح گم آهيون جو پاڙي ۾ ميت (فوتگي) ٿي وڃي، ڪو بيمار ٿي وڃي يا ڪنهن پريشاني جو شڪار ٿي وڃي ته اسان تعزيت ۽ عيادت ڪرڻ يا ان کي دِلاسو ڏيارڻ جي به ڪوشش نٿا ڪريون۔

   ها! مالدارن، سيٺين، افسرن، وزيرن، صاحبِ مَنصَب ماڻهن، مخصوص دوستن، برادري وارن يا اهڙن پاڙيسرين سان جن کان اسان کي پنهنجو ڪم ڪڍرائڻو آهي، انهن وٽ ته اسان خُوشي غمي جي مَوقعن تي پيش پيش نظر ايند آهيون يا انهن کي پاڻ وٽ تقريبات (Ceremonies) ۾ گھرائيندا آهيون، پر غريب پاڙيسرين جي خير خواهي ڪرڻ يا انهن سان تعلُّقات قائم رکڻ اسان پنهنجي شان جي خلاف سمجھون ٿا، بعض نادان ته ايتري قدر بي حِس هوندا آهن جو گھر جي اندر موجود بُک ۽ اڃ، بيماري يا آزمائش ۾ مبُتلا ڀائرن،