Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

سَيدُنا ابُوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ سرڪارِ عالم، نُورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان اسلام جو کلي ڪري اِعلان ڪرڻ جي اِجازت طلب ڪيائين ۽ اِصۡرار ڪندا رهيا، ايستائين جو حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اظهارِ اسلام جي اِجازت عطا فرمائي۔ پوءِ حضرت سَيدُنا ابُوبڪر صدّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ماڻهن کي اسلام جو خُطبو ڏيڻ جي لاءِ بيٺا ته پيارا آقا، مديني وارا مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به اتي تشريف فرما هئا۔ اهڙي طرح پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي پهرين ڀيري نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو شرف حاصل ٿيو۔ مڪي جي مُشرڪن جڏهن مُسلمانن کي ظاهر ظهور دعوتِ اسلام ڏيندي ڏٺو ته انهن کي ڪاوڙ آئي ۽ اهي حضرت سَيدُنا ابُو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۽ ٻين مُسلمانن تي ڪاھ ڪري آيا ۽ انهن کي مارڻ شُروع ڪري ڇڏيو، صدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي پڻ نهايت بُري طرح سان ماريو، ايستائين جو عُتبه بن ربيعه نالي خبيث، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ويجھو آيو ۽ پنهنجي ناپاڪ جُتي پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مُبارَڪ چهري تي هڻڻ لڳو ۽ سندن جي پيٽ تي چڙهي هلڻ لڳو ايستائين جو صديقِ اڪبر بي هوش ٿي ويا، زخمن جي ڪري سندن جي چهري جي سڃاڻپ مشڪل ٿي وئي۔ جڏهن سندن جي قبيلي بَنُو تَيم جي ماڻهن کي خبر پئي ته اهي ڊوڙندا آيا ۽ سندن کي مُشرڪن کان ڇڏائي گھر وٺي آيا، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي تشويشناڪ حالت ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته زندھ بچي نه سگھندا، سندن والد ابُو قَحافه ۽ بَنُو تَيم جا ماڻهو نهايت پريشان هئا ۽ مسلسل پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان گفتگو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، آخرڪار ڏينهن جي آخري حصي ۾ اوهان کي هوش اچي ويو۔ پر هوش ۾ ايندي ئي زبان تان پهريون جملو اهو نڪتو ته رَسُوۡلُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪهڙي حال ۾ آهن؟ سندن جي اها ڳالھ ٻڌي قبيلي جا ڪيئي ماڻهو ناراض ٿي هليا ويا، سندن والده جڏهن ڪجھ کائڻ پيئڻ جي لاءِ چوندي هئي ته پاڻ صرف هڪ ئي جملو فرمائيندا هئا: رَسُوۡلُ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪهڙي حال ۾ آهن ؟ مون کي صرف انهن جي خبر ڏيو، جڏهن سندن کي خبر ملي ته رحۡمتِ عالم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خيريت سان آهن ۽ دارِ اَرقَم ۾ تشريف فرما آهن ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی