Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

عَـنْهُ فرمايائون: خدا جو قسم! مان ان وقت تائين ڪجھ نه کائيندس ۽ نه پيئندس جيستائين پنهنجي محبوب آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي بذاتِ خود ڏسي نه وٺان۔ جڏهن سڀئي ماڻهو هليا ويا ته سندن والده ۽ اُمِّ جميل بنۡتِ خطّاب صديقِ اڪبر کي سهارو ڏئي شهنشاھِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ وٺي ويون، جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي عاشقِ زار کي ڏٺو ته آبديده ٿي ويا ۽ اڳتي وڌي انهن کي هٿن ۾ ورتو ۽ انهن کي چمڻ لڳا، اهو منظر ڏسي تمام مسلمان به فرطِ جذبات ۾ صديقِ اڪبر ڏانهن وڌيا، زخمن سان ڀريل صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ڏسي حضور عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام تي گھڻي رِقّت طاري ٿي، ان تي صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو: يارَسُوۡلَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قُربان، مان ٺيڪ آهيان بس چهرو ٿورو زخمي ٿي ويو آهي۔  ( تاريخ مدينة دمشق،۳۰/۴۹، ملخصاً)

یہ اِک جان کیا ہے اگر ہوں کروڑوں

ترے نام پر سب کو وارا کروں میں

ترے نام پر سر کو قُربان کر کے

ترے    سر     سے    صدقہ    اُتارا    کروں      میں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ صديقِ اڪبر! ٻڌو اوهان ته عاشق ِاڪبر سَيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيتري ڪامل درجي جو عشق هو، جسم زخمن جي ڪري چُور چُور آهي، جسم ۾ تڪليف آهي ۽ چهرو زخمي آهي، پر پوءِ به حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ياد فرمائي رهيا آهن ۽ اهو ئي نه بلڪ ڇا فرمايائون ته تيستائين سڪون نه ملندو جيستائين حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارڪ چهري جي زيارت نه ڪري وٺان۔