Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

(المواهب اللدنيه ،۲/۴۹۱)

(۲) شريعت تي راضي رهڻ: حضور نبي اڪرم، شهنشاھِ اُمم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جي نشانين مان هڪ ڳالھ اها آهي ته هن عشق ۽ مَحَبَّت جي دعويٰ ڪرڻ وارو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شريعت تي راضي هجي۔ (المواهب اللدنيه ،۲/۴۹۳)

(۳)حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دين جي مدد ڪرڻ: حضور نبي اڪرم، سراپا جُود و ڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جي نشانين مان هڪ ڳالھ اها ته ”پنهنجي قول ۽ فعل جي ذريعي سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دين جي مدد ڪري، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شريعت جو دِفاع ڪري ۽ سخاوت ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرتِ طيبه کي اپنائي، بُردباري ،صبر، تَواضُع (عاجزي) وغيره ۾پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ سِيرت جي پيروي ڪئي وڃي۔ (المواهب اللدنيه ،۲/۴۹۴)

(۴) مصيبتن تي صبرڪرڻ: نبي اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جي نشانين مان هڪ ڳالھ اها ته ”مَصيبتن تي صبر ڪري، ڇوته هن مَحَبَّت سان مُحبّ کي اهڙي لذت حاصل ٿيندي آهي جو اهو مصيبت کي وساري ڇڏيندو آهي۔ (المواهب اللدنيه ،۲/۴۹۵)

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  ڪيڏو نه بهترين چيو آهي:

کیوں کہوں بیکس ہوں میں کیوں کہوں بے بس ہوں میں

تم ہو میں تم پہ فِدا تم پر کروروں دُرُود

 (۵) محبوب جو تذڪرو گھڻو ڪري: محبوبِ ربِّ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جي نشانين مان هڪ ڳالھ اها به آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو تذڪرو گھڻو ڪري ڇوته جيڪو جنهن سان مَحَبَّت ڪندو آهي، ان جو ذِڪر