Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar
پڙھايو ويندو آهي۔ مَدرَسة المدينه بالغان براءِ مسجد جو جدول ڪم و بيش 45 منٽ آهي جڏهن ته مَدرَسة المدينه بالغان براءِ مارڪيٽ جوجدول ڪم و بيش 35 منٽ آهي۔ مَدرَسة المدينه بالغان ۾ مدني درس ڏيڻ، ڪتاب ”نماز جا احڪام“ مان نماز، غسل، وضو،نمازِ جنازه وغيره سيکارڻ، سنتون ۽ آداب سيکارڻ ۽ آخر ۾ مدني انعامات جي رِسالي مان ”فڪرِ مدينه“ ڪرڻ ڪرائڻ به شامل آهي۔ اچو! نيت ڪريون ٿا ته تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالغان ۾ پاڻ به شرڪت ڪنداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏيارينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)
سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اچو!شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رَضَوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي 101 مدني گل مان ڪجھ هٿ ملائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: (1) ٻن مسلمانن جو ملاقات جي وقت سلام ڪري ٻنهي هٿن سان مصافحو يعني ٻئي هٿ ملائڻ سنّت آهي. (2) موڪلائڻ وقت به سلام ڪريو ۽ هٿ به ملائي سگھو ٿا۔ (3) نبي مُڪرَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى