Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشاد آهي جڏهن ٻه مسلمان ملاقات ڪندي مصافحو ڪندا (يعني هٿ ملائيندا) ۽ هڪٻئي کان خيريت معلوم ڪندا آهن ته الله پاڪ انهن جي وچ ۾ سؤ رحمتون نازل فرمائيندو آهي، جنهن مان 99 رحمتون زياده گرم جوشي سان ملڻ واري ۽ سٺي نموني سان پنهنجي ڀاءُ کان خيريت پڇڻ واري جي لاءِ هونديون آهن۔ (معجم اوسط،۵/۳۸۰ ،رقم: ۷۶۷۲) (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط لِلطَّبَرَانِي ج۵ ص ۳۸۰ رقم ۷۶۷۲) (4) جڏهن ٻه دوست پاڻ ۾ ملندا آهن ۽ هٿ ملائيندا آهن ۽ نبي (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) تي درود پاڪ پڙهندا آهن ته انهن ٻنهي جي جدا ٿيڻ کان پهريان پهريان ٻنهي جا اڳيان پويان گناهه بخشيا ويندا آهن۔ (شُعَبُ الْاِيمَان، حديث ۸۹۴۴ ، ۶ / ۴۷۱) (5) هٿ ملائڻ وقت درود شريف به پڙهو، ٿي سگھي ته هي دعا به پڙهو؛ ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَلَکُمْ (يعني الله عَزَّوَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرمائي) (6) ٻه مسلمان هٿ ملائڻ جي دوران جيڪي دعائون گھرندا اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ قبول ٿينديون۔ هٿ جدا ٿيڻ کان پهريان ٻنهي جي مغفرت ٿي ويندي۔ (مسند احمد،۴/۲۸۶، حديث: ۱۲۴۵۴) (7) پاڻ ۾ هٿ ملائڻ سان دشمني دور ٿيندي آهي (8) فرمانِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ سان مصافحو ڪري ۽ ڪنهن جي دل ۾ ٻئي جي لاءِ عداوت نه هجي ته هٿ جدا ٿيڻ کان پهريان الله تعاليٰ ٻنهي جا پويان گناهه بخشي ڇڏيندو ۽ جيڪو مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءُ ڏانهن محبت ڀري نگاهه سان ڏسي ۽ اُن جي دل يا سيني ۾ عداوت نه هجي ته نگاهه موٽڻ کان پهريان ٻنهي جا پٺيان گناهه معاف ڪيا ويندا. (ڪنْزُ الْعُمّال ج۹ ص ۵۷) (9) جيترا ڀيرا ملاقات ٿئي هر ڀيري هٿ ملائي سگھو ٿا (10) ٻنهي طرفن کان هڪ هڪ هٿ ملائڻ سنّت ناهي، مصافحو ٻنهي هٿن سان ڪرڻ سنّت آهي۔ (11) ڪي ماڻهو صرف پاڻ ۾ آڱريون ملائيندا آهن، اهو به سنّت نه آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل