Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

Book Name:Tazkira-e-Siddeeq-e-Akbar

ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں ۽ آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع آهي: ”خوفِ خدا ۾ روئڻ جي اَهميت“ جنهن ۾ اسان خوفِ خدا ۾ روئڻ جي اَهميت جي باري ۾ ٻڌنداسين۔ خوفِ خدا ۾ روئڻ ڪيترو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو، ان تي هڪ ايمان افروز حِڪايت بيان ڪئي ويندي۔ خوفِ خدا ڇا کي چئبو آهي؟ هن باري ۾ به ٻڌنداسين۔ خَوفِ خدا ۾ روئڻ جي ترغيب تي ڪجھ روايتون به بيان ڪيون وينديون۔ يقيناً خَوفِ خدا ۾ روئڻ سعادت جي ڳالھ آهي، لڙڪ وهائڻ جا طبّي فائدا به پيش ڪيا ويندا۔ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام ۽ اولياءِ ڪرام خَوفِ خدا ۾ ڪيئن روئيندا ٻاڏائيندا هئا ان بابت به ڪجھ واقعا بيان ڪيا ويندا۔ لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد