Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

مطلب ته! فڪرِ آخرت ۾ بيقرار ٿي ڳوڙها ڳاڙيو۔ ۽ جيڪڏهن ڳوڙها نه اچن ته هن ڳالھ تي ڳوڙها ڳاڙيو ته اسان جا لڙڪ خوفِ خدا سبب ڇو نٿا وهن.  

رونے والی آنکھیں مانگو رونا سب کا کام نہیں                    ذکرِ محبت عام ہے لیکن سوزِ محبت عام نہیں

(نیکی کی دعوت،ص ۲۷۲)

خوفِ خدا ۾ روئڻ جي عادت بڻايو

اچو! فڪرِ آخرت ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ جي ترغيب تي ٻه حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:

فرمايائون: قيامت جي ڏينهن سڀئي اکيون روئڻ واريون هونديون پر ٽي اکيون نه روئنديون، انهن مان هڪ اها هوندي جيڪا خوفِ خدا سبب رُني هوندي۔ (ڪنزالعمال، ڪتاب المواعظ،۸/۳۵۶، حديث:۴۳۳۵)

فرمايائون: اي انسانو! روئيندا ڪريو ۽ جيڪڏهن روئڻ نه اچي ته روئڻ جي ڪوشِش ڪندا ڪيو، ڇوته جهنَّم ۾ جهنّمي روئندا، ايستائين جو انهن جا لڙڪ انهن جي چِهرن تي ائين ڳڙندا ڄڻ اهي ناليون هجن، جڏهن لڙڪ ختم ٿي ويندا ته رت وهڻ لڳندو ۽ اکيون زخمي ٿي وينديون۔ (شرحُ السّنة للبغوي ج۷ ص ۵۶۵ حديث۴۳۱۴)

گناہگار ہوں میں لائقِ جہنّم ہوں                                     کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یا رب

                                                                                              (وسائل بخشش،ص ۷۸)

  اچو! خوفِ خدا ۾ روئڻ بابت بزرگ سڳورن جا ٽي قول به ٻڌي وٺو!  

حضرت عبدالله بن عمرو بن العاص رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا: روئندا ڪريو! جيڪڏهن روئڻ نه اچي ته روئڻ جي ڪوشش ڪريو، ان ذات جو قسم جنهن جي قبضئ قدرت ۾ منهنجي جان آهي جيڪڏهن توهان مان ڪنهن کي علم هجي ها ته اهو ايتري قدر دانهون ڪري ها جو ان جو آواز ٽٽي وڃي ها ۽ اهڙي طرح نماز پڙھي ها جو ان جي پٺي ٽٽي وڃي ها۔ (احياء العلوم ، ڪتاب الخوف والرجاء ج ۴، ص ۲۳۰)