Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

حضرت سَيدُنا عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا: الله پاڪ جي خوف مان هڪ ڳوڙهو وهائڻ منهنجي نزديڪ هڪ هزار دينار صدقو ڪرڻ کان وڌيڪ پسند آهي۔ (شعب الايمان، ص۱/۵۰۲،حديث: ۴۸۲)

حضرت سَيدُنا ڪعب الاحبار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضَي قدرت ۾ منهنجي جان آهي جيڪڏهن مان الله پاڪ جي خوف سبب روئان ايستائين جو منهنجا لڙڪ منهنجي ڳلن تي جاري ٿي وڃن ته اها ڳالھ مون کي هن ڳالھ کان وڌيڪ پسند آهي ته مان سون جو هڪ جبل صدقو ڪيان۔ (فيضانِ احياء العلوم، ص۱۷۰)

ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ                            میں تھر تھر رہوں کانپتا یاالٰہی

                                                                                   (وسائل بخشش مرمم،ص ۱۰۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

روزو  دل جي سختي دور ڪندو آهي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو جنهن کي روئڻ نه اچي ان کي روئڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، ڪڏهن ڪڏهن گناهن جي شدّت ۽ دل جي سختي جي ڪري لڙڪ سڪي ويندا آهن۔ ان سختي کي دور ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته بک ۽ نفلي روزن جي ڪثرت ڪئي وڃي۔ هن سان دل نرم ٿيندي ۽ خوفِ خدا ۾ روئڻ جي سعادت حاصل ٿي سگھندي۔ زهي قسمت جو رجب جي آمد آمد آهي۔ هن مهيني جي روزن جون وڏيون برڪتون آهن۔ لهٰذا جن کان ٿي سگهي پڪي نيت ڪريو ۽ هن مهيني جا نفلي روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪيو. هن سان نه صرف دل جي سختي دور ٿيندي بلڪ رجب جون برڪتون به نصيب ٿينديون۔ رجب ۽ شعبان جي نفلي روزن جي برڪت سان رمضان جي مهيني جا فرض روزا رکڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ائين فرض روزن جي لاءِ اڳواٽ تياري به ٿي ويندي.