Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

منقول آهي ته ڇهين آسمان جي دروازي تي رجب جي مهيني جا ڏينهن لکيل آهن۔ جيڪڏهن ڪو شخص رجَب ۾ هڪ روزو رکي ۽ ان کي پرهيزگاري سان پورو ڪري ته اهو دروازو ۽ اهو (روزي وارو) ڏينهن هن ٻانهي جي لاءِ الله پاڪ کان مغفِرت طلب ڪندا ۽ عرض ڪندا: ياالله! هن ٻانهي کي بخشي ڇڏ۔ جڏهن ته الله پاڪ جي حبيب، هر عيب کان پاڪ نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ ذِيشان آهي: رجب ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات آهي جيڪو ان ڏينهن روزو رکي ۽ رات جو قيام (عبادت) ڪري ته ڄڻ ان سؤ سال جا روزا رکيا ۽ سؤ سال جي شب بيداري ڪئي، اها رجب جي 27 تاريخ آهي. (شُعَبُ الْاِيمَان، ۳/۳۷۴، حديث:۳۸۱۱)

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رجب المرجب جي روزا رکڻ وارن جا ڀاڳ ئي کلي ويندا آهن. رجب المرجب جا روزا رکڻ وارن جي لاءِ الله پاڪ جنت ۾ خاص محل تيار ڪيو آهي، انهن خوش نصيبن کي الله پاڪ ”رجب“ نامي نهر مان  سيراب ڪندو، انهن جي لاءِ جهنم جا در بند ۽ جنت جا در کوليا ويندا آهن، انهن جا روزا گناهن جو ڪفارو بڻجي ويندا ۽ محشر واري ڏينهن جي برداش نه ٿيندڙ گرمي ۽ بُک اُڃ ۾ انهن جي لاءِ کائڻ پيئڻ ۽ آرام ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. نفلي روزن جي ايتري قدر زبردست فضيلتون ۽ برڪتون ٻڌڻ کانپوءِ ته اسان مان هر هڪ کي گهرجي ته فرض روزن سان گڏوگڏ نفلي روزن جو بڪثرت اهتمام ڪندا ڪيون، ماھ رجب المرجب جي اچڻ سان هونئن ئي روزن رکڻ جو ڄڻ موسم شروع ٿي ويندو آهي. پهريان رجب جا روزا  ان کانپوءِ ماھ شعبان جا روزا.

اچو شيخ طريقت امير اهلسنت جو نفلي روزن جي ترغيب ۽ فضائلن تي مشتمل هڪ خوبصورت مڪتوب ٻڌون ٿا:

مڪتوب عطار

   بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ  ط سگِ مدينه محمّد الياس عطار قادري رضوي عُفِي عَنه جي