Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

طرفان، تمام اسلامي ڀائرن ، اسلامي ڀينرن ، مدارس المدينه  ۽ جامعاتُ المدينه جي اساتذه ، طَلَبه  معلمات ۽ طالبات جي خدمات ۾ ڪعبهء مُشَـرّفه جي چوڌاري گھمندو،گنبذ خضريٰ کي چمندو رَجَبُ المُرَجب، شَعبانُ المُعَظم ۽ رمضانُ المُبارڪ جي برڪتن سان مالا مال جهومندو سلام،

اَلسَّلَامُ عَلَيْکُم وَرَحْمَةُ الله  ِوَبَرَکاتُهٗ                اَ لۡـحَـمۡدُ لِلهِ رَبِّ العٰلَـمِيۡنَ عَليٰ  کُلِ  حَال

ہو      نہ ہو    آج     کچھ   مرا      ذکر    حضور   ميں ہوا

                 ورنہ مری   طرف   خوشی  د  يکھ  کے مسکرائی  کيوں

(حدائق بخشش)

   اَلۡـحَمۡدُ للهعَزَّوَجَلَّ هڪ ڀيرو وري خوشين جا ڏينهن اچڻ لڳا رجب شريف جي مهيني جي آمد آمد آهي. هن مبارڪ مهيني ۾ عبادت جو ٻج پوکيو ويندو آهي، شَعبانُ المُعَظم ۾ شرمساري جي ڳوڙهن سان پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ رحمت جو فصل ڪٽيو ويندو آهي.  

ٽن مهينن جا روزا

رجب المرجب جا قدر دانو! تعليم و تعلُّم (يعني سکڻ ۽ سيکارڻ) ۽ ڪسبِ حلال ۾ رڪاوٽ نه هجي، ماءُ پيءُ به بلا وجه منع نه ڪن، ڪنهن جي به حق تلفي نه ٿيندي هجي جلدي جلدي ۽ تمام جلدي مسلسل ٽن مهينن جا يا رمضان المبارڪ جي مڪمل فرض روزن سان گڏ جنهن کان جيترا ٿي سگهن نفل روزن جي لاءِ ڪمر بسته ٿي وڃو، سحري ۽ افطار ۾ گهٽ کائي ڪري پيٽ جو قفل مدينه به لڳايو. ڪاش! هر گهر ۾ ۽ منهنجي سڀني مدارس المدينه ۽ تمام جامعة المدينه ۾ روزن جون بهاريون اچي وڃن. بس پهرين رجب شريف کان ئي روزن جو آغاز فرمائيندا وڃو.

رجب جي ابتدائي ٽن روزن جي فضيلت

   رجب شريف جي ابتدائي ٽن روزن جي فضائل جي به ڇا ڳالهه ڪجي!