Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

حضرت سيّدنا عبدالله ابنِ عبّاس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان روايت آهي ته بيچين دِلين جي چين، رحمتِ دارَين، تاجدارِ حَرمَين، سروَرِ ڪَونَين، ناناءِ حَسۡنَين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ رحمتِ نشان آهي: ”رجب جي پهرين ڏينهن جو روزو ٽن سالن جو ڪفارو آهي ۽ ٻي ڏينهن جو روزو ٻن سالن جو ۽ ٽين ڏينهن جو هڪ سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن جو روزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي.“ (الجامع  الصغير للسيوطي ص 311 حديث 5051  فضائل شهر رجب للخلال ص 7)

ميں    گنہگار    گناہوں کے   سوا     کيا     لاتا

نيکياں ہوتی ہیں سرکار    نِکوکار کے  پاس

نفلي روزن جون به ڇا نه خوب بهارون آهن هن ضِمن ۾ ٻه مبارڪ حديثون ملاحظه فرمايو،

(1) فِـرشتا ڪڏهن دعاءِ مَغفِرت ڪندا آهن؟

    حضرت سيّدَتُنا اُمِّ عَمَّارَه  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْها فرمائن ٿيون: حُضُور پاڪ، صاحبِ لولاڪ، سَيَّاحِ اَفلاڪ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ تشريف وٺي آيا ته مون پاڻ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت بابرڪت ۾ کاڌو پيش ڪيو ته ارشاد فرمايائون: ”تون به کاءُ“ مون عرض ڪيو: ”مان روزي سان آهيان“ ته رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”جيستائين روزيدار جي سامهون کاڌو کاڌو ويندو آهـي فِرشتا ان روزيدار جي لاءِ دعاءِ مَغفِرت ڪندا رهندا آهن.“ (سنن ترمذي ج 2 ص 205 حديث 785)

(2) روزيدار جون هڏيون ڪڏهن تسبيح ڪنديون آهن؟

حضرت سيّدنا بلال  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ نبيِّ اَڪرم، رحمتِ عالم، نُورِ مُجسم، شاھِ بني آدم، رسولِ مُحۡتَشَم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ مُعَظم ۾ حاضر ٿيا، ان وقت حُضُور پُر نُور، شافعِ يومُ النُّشور  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ناشتو ڪري رهيا هئا، فرمايائون: اي بلال! ناشتو ڪريو، عرض ڪيائون: يارسول الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان روزيدار آهيان، ته رسول الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اسان پنهنجي