Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

روزي کائي رهيا آهيون ۽ بلال جو رزق جنّت ۾ وڌي رهيو آهي. اي بلال! ڇا توکي خبر آهي ته جيستائين روزيدار جي سامهون ڪجھه کاڌو وڃي تيستائين انهي جون هڏيون تسبيح ڪنديون آهن، ان کي فرشتا دعائون ڏيندا  آهن.

 (شعب الايمان ج 3 ص 297 حديث 3586)

مُفَسِّرِ شهير حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته هن مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن کاڌو کائڻ دوران ڪو اچي وڃي ته ان کي به کائڻ جي لاءِ سڏڻ سنت آهي، پر دِلي ارادي سان سڏي، ڪوڙي صلاح نه ڪري ۽ اچڻ وارو به ڪوڙ ڳالهائي هيئن نه چوي ته مونکي خواهش ناهي، ته جيئن بک ۽ ڪوڙ گڏجي نه وڃن. بلڪ جيڪڏهن (نه کائڻ چاهي يا) کاڌو گھٽ ڏسي ته چـوي بَارَكَ اللهُ (يعـني الله عَزَّوَجَلَّ تو کي برڪت ڏي) هي به معلوم ٿيو ته سروَرِ ڪائنات، شاھِ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پنهنجون عبادتون نه لڪائڻ گھرجن، بلڪ ظاهر ڪيون وڃن ته جيئن حضور پُرنُور، شافعِ يومُ النُّشُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي گواھ بڻجي وڃن، ۽ اهو ظاهر ڪرڻ رياء ناهي. (حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي روزي جو ٻڌي ڪري جيڪو ڪجھ فرمايو ويو ان جي شرح هي آهي) ته يعني اڄ جي روزِي اسان ته پنهنجي هتي ئي کائي وٺون ٿا ۽ حضرت سيّدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ان جي عِوَض جنّت ۾ کائيندا، اهو عوض (يعني بدلو) بهتر به هوندو ۽ زياده به، حديث بلڪل پنهنجي ظاهري معنيٰ تي آهي، واقعي ان وقت روزيدار جي هر هڏي ۽ جوڙ بلڪ رڳ رڳ تَسۡبِيح (يعني الله عَزَّوَجَلَّ جي پاڪي بيان) ڪندي آهي جنهن جو روزيدار کي پتو ئي ناهي هوندو، پر سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌندا آهن. (مراٰة ج 3 ص 202)

    جيڪڏهن  مطالعو ڪيو هجي تڏهن به ٻئي رسالا (1) ڪـفـن جـي واپسـي ان سان گڏ رجب جون بهارون ۽ (2)  آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو پڙهي ڇڏيو، ۽ پڻ هر سال شعبان المُعَظّم ۾ فيضان سنّت جو باب فـيـضـانِ رمـضـان ضرور پـڙهي ڇـڏيـنـدا ڪريو. ٿي سگهي ته عيدِ مِعراجُ النبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نسبت سان