Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

هميشه جي لاءِ خوش ٿي وڃ  ۽ انهن جي صدقي مون گناهگار ۽ بدڪار، گناهن جي سرداري سان به هميشه جي لاءِ راضي ٿي وڃ، يا الله پاڪ جيڪو اسلامي ڀاءُ ۽ اسلامي ڀيڻ (عذر نه هجڻ جي صورت ۾) هر سال ٽن مهينن جا روزا رکي ۽ هر سال جَمادي الآخرٰي ۾ رسالو ڪفن جي واپسي ۽ رَجَبُ المُرَجَّب ۾ آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو ۽ شَعبان المُعَظّم ۾ فيضانِ رمضان پڙهي يا ٻڌي وٺڻ جي سعادت حاصل ڪري مون کي ۽ ان کي دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب فرماءِ ۽ اسان کي بي حساب بخشي ڪري جنّت الفردوس ۾ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڙي ۾ گڏ رک. اٰمين بِجاهِ النَّبِيِّ الۡاَمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

روئڻ جا طبي فائدا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان خوفِ خدا ۾ روئڻ جي اهميت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ جديد  طبي تحقيقات مان ثابت ٿيو آهي ته روئڻ جا به ڪيئي فائدا آهن۔ اچو ڳوڙها ڳاڙڻ جا ڪجھ طبي فائدا ٻڌون ٿا: ٭ ماهرن مطابق اهو پاڻي جيڪو لڙڪن جي صورت ۾ اکين مان نڪرندو آهي، اک مان نڪرندڙ ٻين پاڻين (Waters) کان مختلف هوندو آهي۔ ٭ تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته هر شخص کي هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پندرهن (15)(Fifteen) منٽ تائين روئڻ گھرجي۔ ٭ هفتي ۾ هڪ ڀيرو روئڻ دماغي صلاحيتن تي سٺو اثر وجھندو آهي۔ ٭ ماهرن جو چوڻ آهي ته لڙڪ انساني جسم ۾ موجود ڪوليسٽرول (Cholesterol) کي گھٽ ڪندا آهن۔ ٭ ڳري طبيعت ۾ وهندڙ لڙڪ ذهني دٻاؤ جو خاتمو ڪندا آهن جنهن سان بلڊ پريشر (Blood pressure)، شوگر (Sugar) ۽ دل جو مرض (Heart diseases) لاحق ناهي ٿيندو۔ ٭ لڙڪن کي روڪڻ سان اکين ۾ ڊي هائيڊريشن ٿي ويندي آهي جنهن سان روشني ڪمزور ٿيندي آهي جڏهن ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو روئڻ سان روشني بهتر ٿيندي آهي۔ ٭ تحقيق مان اها ڳالھ به سامهون آئي آهي ته لڙڪن جي صورت ۾ جيڪو پاڻي اکين مان نڪرندو آهي ان ۾ ڪيئي طرح جا ڪيميائي جزا هوندا آهن۔ اهڙا لڙڪ انتهائي گھٽ مقدار ۾ به نڪرن ته ان جي