Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

نتيجي ۾ شريانن ۾ رت جا قطرا ڄمڻ جو عمل سست ٿي ويندو آهي ۽ جِلدي مرض (Skin diseases) مان نجات ملندي آهي۔ (مختلف ويب سائٹ سے ماخوذ)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ممڪن آهي ته ڳوڙها ڳاڙڻ جا فائدا ٻڌي روئڻ جو ذهن بڻجي رهيو هجي۔ اهو ياد رکو ته شرعاً جيڪو روئڻ پسنديده آهي ۽ جنهن تي ثواب آهي اهو روئڻ الله پاڪ جي لاءِ هجي، آخرت جي فڪر ۾ هجي، خوف خدا جي ڪري هجي۔ جڏهن ته دنيا جي لاءِ روئڻ تي اکين کي فائدو ته ملي سگھي ٿو پر ثواب نه ملندو۔ افسوس! اڄ اسان پنهنجي دنيا چڱي ڪرڻ جي لاءِ ڪيترا بي چين آهيون۔ دنيا سٺي ٿي وڃي، صحت ٺيڪ ٿي وڃي، پريشانيون ختم ٿي وڃن، مصيبتون دور ٿي وڃن، مال ۽ دولت جي ڪثرت ٿي وڃي، قيمتي موبائل ملي وڃي، نئي گاڏي ملي وڃي، مطلب ته! بيشمار دنياوي مقصد آهن جو جن کي ماڻڻ جي لاءِ اسان پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندا آهيون پر افسوس آخرت کي بهتر ڪرڻ جو جذبو اهڙو نظر نٿو اچي جهڙُو هجڻ گهرجي. اي ڪاش! اسان کي به دُنيا جي ناپائيداري جو حقيقي معنٰي ۾ اِحساس ٿي وڃي، اي ڪاش! اسان جي به غفلت جو پردو کڄي وڃي۔ اي ڪاش! اسان کي به امّيدِ رحمت سان گڏوگڏ صحيح معنٰي ۾ خوفِ خدا مُيسر اچي، اي ڪاش! بُري خاتِمي جو ڊپ اسان جي دل ۾ ويهي رهي، اي ڪاش!اسان کي پنهنجي پَروَردگار جي ناراضين جو هر دم خوف رهي، اي ڪاش! سڪرات جي سختين، مَوت جي تڪليفن، پنهنجي غسلِ ميت ۽ تڪفين ۽ تدفين جي ڪيفيتن ۽ مرده حالت ۾ پنهنجي بيوسي جو احساس ٿي وڃي۔ اي ڪاش! قبر جي اونداھين ۽ وَحشتن، منڪر ۽ نڪير جي سُوالن، قَبر جي عذابن جو غم اسان کي هر وقت ستائيندو رهي۔ اي ڪاش! مَحشَر جي گرمين ۽ گھٻراهٺن، پُل صراط جي دَهشتن، بارگاه اِلاهي جي پيشين، ميدانِ قِيامت ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين جي پڇاڻي جو ۽ سڀني جي اڳيان عيب کُلڻ جي رُسوائين جو به خوف لاحق ٿي وڃي۔ اي ڪاش! جهنَّم جي خوفناڪ دانهُن، دوزخ جي هولناڪ سزائن، پنهنجي نازن سان پليل بدن جي نَزاڪتن ۽ جنّت