Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

Book Name:Khof-e-Khuda Men Rony Ki Ahmiat

جي عظيم نعمتن سان محرومين جو خوف اسان کي بي چين ڪندو رهي ۽ اي ڪاش! اهو خوف اسان جي لاءِ هدايت ۽ رحمت جو ذَرِيعو بڻجي وڃي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

انبياءِ ڪرام جو خوفِ خدا سبب روئڻ

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته انبياء ڪرام عَلَيهمُ السَّلاَم اهي مقدس هستيون آهن جيڪي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ تمام مخلوق کان وڌيڪ مرتبو رکن ٿيون۔ هي اهي مقدس هستيون آهن جيڪي يقيناً يقيناً الله پاڪ جي غضب، ان جي عذاب ۽ ان جي ناراضي کان محفوظ آهن۔ ايستائين جو الله پاڪ انهن جي حفاظت جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي ته انهن کان گناھ ٿي ئي نٿو سگهي. (بہارِ شریعت ، جلد۱، ح۱، ص38) بلڪ انهن جو شان ته هي آهي جو جن جي سفارش هي ڪن ته الله پاڪ انهن کي به عذابِ دنيا ۽ آٓخرت کان محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي۔ هي مُقدَّس شَخصيتون گناهن کان پاڪ هئڻ ۽ الله پاڪ جي رضا جي منصب تي فائز هئڻ جي باوجود به اشڪباري ۽ آھ ۽ زاري ڪندا آهن۔ اسان جي شفاعت فرمائڻ واري آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سڄي سڄي رات عبادت ۽ اشڪباري ۾ گذاري ڇڏيندا هئا۔ جڏهن ته انبياء ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام ۾ ڪيئي اهڙا آهن جو جن جي اشڪباري ۽ آھ ۽ زاري ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين برقرار رهندي هئي۔ اچو انبياءِ ڪرام جي خوفِ خدا ۾ روئڻ بابت پنج (5) روايتون ٻڌون ٿا:

٭ منقول آهي ته حضرتِ سَيدُنا يحييٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن نَماز جي لاءِ بيهندا هئا ته (خوفِ خدا َ سبب) ايتري قَدر روئندا هئا جو وڻ (Trees) ۽ مِٽي جا ڀِتر به روئڻ لڳندا هئا ايستائين جو سندن عَلَيۡهِ السَّلَام جا والدِ ماجد حضرت سَيدُنا زَڪرِيا عَلَيۡهِ السَّلَام به حضرت يحييٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڏسي روئندا هئا ايستائين جو بيهوش ٿي ويندا هئا۔ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام اهڙي طرح مسلسل لڙڪ ڳاڙيندا رهندا هئا، ايستائين جو لاڳيتو وهندڙ لڙڪن جي ڪري حضرت يحيٰي عَلَيۡهِ السَّلَام